ڪوٽڙي ۾ پيش امام جو سالن خلاف احتجاج

ڪوٽڙي (ت ر) ڪوٽڙي جي خدا جي بستي لڳ ٻٻر اسٽاپ جي رودناڻي پاڙي ۾ مسجد نور مصطفي جي مهتمم ۽ پيش امام  محمد ابراهيم لغاري, سندس ڀائرن محمد قاسم لغاري, حاجي ڌڻي بخش لغاري, ڀائيٽيو عبدالستار لغاري ۽ طالب لغاري ڄامشورو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو, ان موقعي تي مولانا محمد ابراهيم لغاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجا سالا ڏوهاري قسم جا ماڻھو آھن, جن هڪ مهينو اڳ ڳوٺ ۾ ڦر دوران نوجوان ذاڪر پٽ شاهه محمد کي قتل ڪري فرار ٿي ويا, ان بعد منهنجي سهري فتح محمد لغاري, سندس پُٽ نديم لغاري ۽ ابوذر لغاري مونتي گهر کپائڻ لاء دٻاءُ وجهي مونکي ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن, منهبجي انڪار تي هنن منهنجي زال صفيه کي به پنهنجي گرفت ۾ آڻي هن کي به منهنجي خلاف ڪري ڇڏيو آھي, جنهن ڪري مون تنگ ٿي پنهنجي زال کي طلاق ڏني آھي, هاڻي سڀ مڇرجي مونکي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن, مونکي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.