نواب شاھ ۾ چوڪيدار ھٿان چوڪيدار قتل

نوابشاهه (رپورٽ: اڪرم چانڊيو) نواب شاھ ۾ چوڪيدار ھٿان چوڪيدار قتل پوليس مقتول نياز حسين ڪورائي جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ  بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪچھري روڊ تي واقع مارڪيٽ ۾ خانگي طور چوڪيداري ڪندڙ مورو لڳ سونھري فارم واسي نوجوان نياز حسين ولد محمد خان ڪورائي کي چوڪيدار دوست ٻانڌي واسي لال بخش جمالي ۽ 2 اڻڄاتل سان گڏجي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن پوليس مقتول جي لاش جو پي ايم يو اسپتال نواب شاھ مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو وارث مقتول جو لاش سونھري فارم کڻائي لاش جي تدفين ڪئي، ٻئي طرف مقتول جي ڀائرن غلام نبي ڪورائي ۽ غلام قادر ڪورائي ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ نياز کي لال بخش جمالي ھڪ ڏينھن اڳ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ھُيون جنھن کانپوءِ ھي واقعو پيش آيو آھي جڏھن ته مقتول جو لاش ڳوٺ قادر آباد پھچڻ تي گھر ۾ ڪُھرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.