قمبر ۾صفائي نه ٿيڻ خلاف ريلي، ميونسپل انتظاميا جو علامتي جنازو کڻي نعرا

قمبر (رپورٽ : محمود شيخ ) قمبرفرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران ستين ڏينهن به بس اسٽينڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ميونسپل انتظاميه جو علامتي جنازو ڪڍيو،شهر ۾صفائي نه ٿيڻ سبب ميونسپل انتظاميا جي ڏاڍ ۽ نا اهلي خلاف شهر جي سول سوسائٽي  جي اڳواڻن سڪندر جهنڊيل، خالد حسين چانڊيو، تصور حسين،شيٽي ڀٽو، ڪاشف سومرو، عبدالخالق چانڊيو، اياز جمال چانڊيو، ڪامريڊ محمد عالم نوناري، شاعر اشفاق چانڊيو، همٿ علي ڦل، مخدوم خليق چانڊيو، ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،غلام عباس چانڊيو،عمر گل ٻرڙو،رضوان چانڊيو،عطاءالله ساگر،اڪرم چانڊيو،محمد يونس گوپانگ،علي زيب گوپانگ،راجا زاهد علي،عاصم چانڊيو،ارباب جويو  ۽ سول سوسائٽي جي با شعور نوجوانن  قمبر بس اسٽاپ کان نا اهل ميونسپل انتظاميا جو علامتي جنازو ڪلهن تي کڻي ڇتي نعري بازي  ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي قمبر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر ۾کليل گٽر،گرلز ڪاليج، گرلز پرائمري محمد اسماعيل قادري اسڪول پراڻي ڪورٽ ۾ گندگي روڊ ۽ رستن تي  نالين جو بيٺل بدبودار پاڻي سبب عوام وڏي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آھي۔جنهن خلاف فرينڊس اڳواڻن اشفاق چانڊيو، خالد حسين، غلام عباس، ڪامريڊ محمد عالم۔ عبد الوهاب بليدي، خطاب ڪندي مطالبن جا مڃتا تائين احتجاج جاري رکڻ جو وچن پڻ ورجايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.