سنڌ اسيمبلي ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جي واقعن جو ذڪر، گوڙ، ڪراچي کان ڪشمور امن ڪرايو آهي: صوبائي سرڪار

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ سرڪار صوبي ۾ صاف پاڻي جي ڪوالٽي ڳتڻي جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ درياهه ۾ زرعي انڊسٽري ۽ ڊرينيج جو پاڻي ڇڏڻ سان پاڻي گدلوٿئي ٿو ۽ اهو پاڻي  واپرائڻ سان بيماريون ٿين ٿيون، سرڪار اعتراف ڪيو ته ڪورونا وبا دوران خانگي اسڪولن سرڪار کي نظرانداز ڪندي من مانيون ڪيون، هاڻي سڌارن لاءِ پرائيويٽ اسڪولز ايڪٽ کي تبديل ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته صاف پاڻي سڀني صوبن جو مسئلو آهي، صاف پاڻي نه ملڻ سبب خطرناڪ بيماريون ڦهلجن ٿيون ان کان اڳ صحت واري وزير خرم شير زمان پاران ڳڙهي خدابخش ۾ ٻارن کي ڪتن جي ڏاڙهڻ  جو معاملو اٿارڻ تي جواب ڏيندي چيو ته ڪتن  جي ڏاڙهڻ جو معاملو رڳو سنڌ نه پر پوري ملڪ ۾ آهي، ڳڙهي خدابخش ۾ ڪتي چڪ کان بچاءَ لاءِ ويڪسين موجود آهن، ڪتن جي چڪڻ جا واقعا ڪي پي ۾ به ٿين ٿا. ان کان اڳ پ  پ ايم پي اي امداد پتافي خرم شير زمان پاران ڪتن جي ذڪر ڪرڻ تي جواب ڏيندي چيو ته مخالف ڌر وارن جي گهرن ۾ ڪتا ويٺا آهن، انهن جو علاج ڪرايو، ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ڪيو ته ايوان ۾ هل ٿي ويو. ٻئي طرف تعليم واري وزيرسردار شاهه  ٽي ايل پي جي ثروت فاطمه جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ايوان ۾ اعتراف ڪيو ته بلڪل خانگي تعليمي ادارا من ماني ڪن ٿا، خانگي اسڪولن کي 10 سيڪڙو مفت تعليم ڏيڻي آهي، پر عمل نه ٿا ڪن، پي ٽي آءِ جي رياض حيدر ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتون ٿيون آهن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انهن سان مليل آهي ڪا به ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، ان دوران کيس تقرير ڪرڻ کان روڪيو ويو ته هن اڪيلي ئي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي ويو، مڪاني ادارن بابت پارلياماني سيڪريٽري سليم بلوچ چيو ته ايس بي سي اي هر معاملي کي ڏسي پئي، سنڌ سرڪار پاڻي جي معاملي تي وفاق آڏو احتجاج ڪري پئي، مخالف ڌر ساٿ ڏئي ته سنڌ حصي جو پاڻي حاصل ڪري ۽ ان سان گڏ ڪراچي لاءِ به پاڻي ورتو وڃي. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين جي امن امان بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پ پ سرڪار ڪراچي کان ڪشمور تائين امن ڪرايو آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.