صاف ۽ خوبصورت چمڙي لاءِ سڀ کان سولو طريقو

 

سڀ ڪنهن ماڻهو خاص ڪري عورتن جو خواب هوندو آهي ته انهن جي چمڙي ڪنهن به خراب نه ٿئي ۽ اهي وڏي عمر ۾ به نوجوان ۽ خوبصورت نظر اچن.

جنهن مقصد لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي چهري جي سرجري به ڪرائڻي پوندي ۽ اهي ان مقصد لاءِ پنهنجي جان به داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار نظر ايندا آهن.

هن وقت تائين اسان هتي خوبصورتي جي حوالي سان ڪيترائي بهترين ٽوٽڪا ڏسي چڪا آهن جن جي استعمال سان ماڻهو رنگ ڀوري ڪري ۽ پنهنجي چمڙي کي رونق بخشي سگهي ٿو.

پر اڄ هتي اسان هڪ تمام سولو طريقو آندو آهي جنهن جي مدد سان توهان نه رڳو پنهنجي چمڙي صاف ۽ خوبصورت ڪري سگهو ٿا پر انکي نرم ۽ پرڪشش به بڻائي سگهو ٿو.

گهريلو نسخن جي استعمال سان مرد توڙي عورتن جي چمڙي تي ڪنهن به نقصان جو خطرو ناهي هوندو اهو ئي سبب آهي جو اسان هتي اوهان کي پارلر جي هٿرادو خوبصورتي ۽ مختلف ڪيميڪل مليل ڪريمن جي استعمال کان روڪيندي صحت بخش گهريلو نسخن جا مشورا ڏيندا آهيون.

اسانجي مشورن تي عمل ڪندي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندا رهندا آهن ۽ انهن کي لاڀ ملندو رهندو آهي جن جو فيڊ بيڪ اسان لاءِ يقينن فخر جو سبب آهي.

هاڻي جيڪو نسخو اسان اوهان کي ٻڌائي رهيا آهيون ان ۾ اڳ واري نسخن جيان نه توهان کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي نه ئي وري ڪي ڳرا خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي جيتوڻيڪ هي نسخو شايد ٻين نسخن جي ٺهڻ کان به سولو ۽ سٺو ثابت ٿئي

شيون

بادام

ليمي جي رَس

ماکي

استعمال جو طريقو

ٻه عدد بادام جا ڳورا کڻو انهن کي صاف ڪري ڪنهن گرائينڊر ۾ پيسي وٺو.

پيٺل بادام ۾ ضرورت موجب ليمي جو رس وجهو ۽ انکانپوءِ ٿوري مقدار ۾ ماکي جو استعمال ڪيو.

نسخو توهان جي استعمال لاءِ تيار آهي.

هاڻي توهان کي به يقين اچي ويو هوندو ته ڪيترو نه سولو، بنا محنت ۽ بنا خرچ وارو نسخو آهيئ

جي ها ائين ئي آهي.

پر ان جا نتيجا حيران ڪندڙ آهن.

انهن ٽنهي شين کي پاڻ ۾ ٺيڪ طريقي سان ملائي پنهنجي منهن تي استعمال ڪيو.

ٿوري دير کانپوءِ پنهنجو منهن صاف ڪيو ۽ ڏسو پنهنجي چمڙي تي جادوئي اثر ڪيترا ٿيا آهن.

ان نسخي جي لڳاتار استعمال توهان جي چمڙي نرم، صاف، خوبصورت ۽ پرڪشش بڻبي ۽ توهان جي چهري جي رونق توهان جي عزيزن ۽ پيارن جي دل متاثر ڪندڙ بڻجي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.