ارسا صوبن ۽ وفاق ۾ ويڇا وڌائڻ جي ذميوار، يوسف ٽالپر جو وزيراعظم کي خط

حيدرآباد(رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر ارسا اختيارين کي وفاق ۽  صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي ويڇا وڌائڻ جو ذميوار قرار ڏيندي وزيراعظم عمران خان کي ارسا جي ظلم زيادتين خلاف تفصيلي خط لکي ڇڏيو آهي، نواب يوسف ٽالپر وزيراعظم عمران خان کي 6 صفحن تي لکيل تفصيلي خط ۾ ارسا طرفان پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ بابت چيو آهي ته ارسا پاڻي ورڇ اڪارڊ جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي اچي پئي، ڪڏهن تاريخي وهڪرن ته ڪڏهن ٽي رخي فارمولي بنياد تي پاڻي جي ورڇ ڪري سنڌ کي سڪايو ۽ تباهه ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري هلندڙ خريف جي مند 2021ع ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ سوڪهڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ معيشت تباهه و برباد ٿي وئي، هن چيو ته ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي طرفان هٿ ٺوڪيا پاڻي ورڇ جا طئه ڪيل فارمولا سنڌ بار بار رد ڪري چڪي آهي، ارسا جي اهڙي پاڻي معاملي ۾ غير آئيني ۽ غيرقانوني طريقا استعمال ڪندي وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويڇا وڌائي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ ٽي رخي پاڻي ورڇ فارمولي خلاف گذريل 18 سالن کان جنگ وڙهي رهي آهي هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته اهو پاڻي معاملي کي قومي مفادن طور نظر ۾ رکندي فوري طور تي ارسا اختيارين خلاف ايڪشن عمل ۾ آڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.