پڪي قلعي جي پٽيل در جا تاڪ ڪچري جي ڍير تان هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي تاريخي ماڳ پڪي قلعي جي مک دروازي کي ڊاهي پٽ ڪرڻ کانپوءِ دروازي جي ڪاٺ وارا تاڪ ۽ چائونٺ به ڪچري جي ڍير تان هٿ اچي وئي. اعليٰ قسم جو ڪاٺ وارو مک شاهي دروازو ڪچري جي ڍير ۽ مرمتي سامان ۾ پيل هجڻ باوجود آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميا بي خبر بڻيل رهي. ڪاٺ ۽ لوهي پٽين سان ٺهيل دروازو جا تاڪ جنهن جاءِ تي پيل هئا اتي ڪچري ۽ مرمتي سامان جا ڍير لڳل هئا ۽ تاڪن جي ٽٽل هنڌن وٽان ٻوٽا ڦٽي ٻاهر نڪتل هئا. دروازي جا تاڪ انتهائي زبون حالت ۾ هٿ آيا آهن. پڪي قلعي جو مک دروازي جي ڪاٺ وارا تاڪ ساگوان جي ڪاٺ ۽ لوهه پٽين سان تيار ڪيل آهن. دروازي سميت قيمتي لوهي گارڊر، در دريون ۽ ٻيون سامان به ڪچري ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه سامان هٿ وٺي گم ڪرڻ جا به اطلاع آهن.ان سلسلي ۾ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظاميا پڪي قلعي جو قيمتي سامان هٿ وٺي گم ڪيو آهي. ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ پڪي قلعي جي مک شاهي دروازي کي مرمتي ڪم (رينوويشن) جي نالي ۾ هٿوڙا هڻي ڊاهي پٽ ڪيو ويو هو. جنهن جو ڪيس ٺيڪيدار مٿان داخل ڪيو ويو آهي. پر اڃا تائين ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. دروازي جي چائونٺ ۽ در جا تاڪ اڳ ئي انتظاميا جي لاپرواهي سبب نڪري چڪا هئا جن کي انتظاميا کڻائي ڪچري سان گڏ رکرايو هو. جڏهن ته مک دروزاي کي مڪمل ختم ڪرڻ وارين خبرن هلڻ کانپوءِ مک ڪاٺ واري در جا تاڪ به هاڻ هٿ آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.