خيرپورناٿن شاهه ۾ حددخلين خلاف آپريشن

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ ) خيرپورناٿن شاه شهر جي مک روڊن بازارن ۾ حد دخلين جو آزار وڌيو ويو روڊ جي ٻنهي پاسن کا غير قانوني طور تي  دڪاندارن پنهنجن دڪانن اڳيان صندل ۽ ريڙها رکرائي ڇڏيا  جنهن جي ڪري روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي ويو شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا ، سڄاڻ شهرين واپارين حد دخلين جي آزار جي شڪايتن تي مختيار ڪار سعيد احمد کونهارو نوٽيس وٺندي روڊن تي غير قانوني حددخليون ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ڪيترائي صندل ريڙها روڊن تان هٽرائي ڇڏيا جڏهن ته فروٽ سبزي هلائيندڙن پورهيتن کي سختي سان تنبيه ڪندي چيو ته روڊن تي رش نه ڪيو جنهن به ريڙهي واري دڪاندار خلاف ورزي ڪئي ته ان خلاف سختي سان ڪاروائي ڪئي ويندي . ان وقعي تي مختيار ڪار خيرپورناٿن شاه سعيد احمد کونهارو صحافين سان ڳالهيندي چيو ته عوام جي شڪايتن ۽ ڊي سي صاحب جي حڪم تي غير قانوني انڪروجمنٽ خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون مين روڊ خاص ڪري مير حسن چونڪ تي تمام گهڻي رش ٿئي ٿي شهري سخت پريشان ٿي رهيا ھن روڊ جي ٻنهي پاسن کان غير قانوني طور تي ريڙها صندل رکيا ويا آهن جنهن جي ڪري روڊ سوڙهو ٿي ويو آهي گاڏيون ڪراس نٿيون ڪري سگهن نياڻيون اسڪول وڃڻ لاء پريشان ٿين ٿيون مون ڪافي بار دڪاندارن ۽ ريڙهو هلائيندڙ کي نوٽيس ۽ وارنگ ڏني پر انهن ٻڌي اڻ ٻڌو ڪيو شهرين جون شڪايتون وڌي ويون اسان اڄ کان غير قانوني انڪروجمنٽ خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آهي جيڪو به عمل نه ڪندو ان خلاف قانون موجب سختي سان ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.