انڊس اسپتال انچارج جاچ تي اثر انداز، عملي کي بچائڻ لاءِ رپورٽ دٻائي ڇڏي

بدين (رپورٽ:رازقڏنوکوسو) بدين جي انڊس اسپتال ۾ عورت جو ويم باٿروم ۾ ٿيڻ ۽ اتي سندس معصوم ٻار مرڻ واري واقعي کي هڪ هفتو گذري ويو، پر 24 ڪلاڪن ۾ اعلانيل رپورٽ پڌري نه ٿي. انڊس اسپتال انتظاميا پنهنجي ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻي عملي کي بچائڻ لاءِ جاچ تي اثر انداز ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ رپورٽ دٻجي وئي. هفتو اڳ ناري گلناز قمبراڻي اسپتال عملي جي لاپرواهي ۽ بي ڌياني سبب ٻار کي باٿروم ۾ جنم ڏنو، جيڪو اتي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ناري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. وارثن جي احتجاج ۽ سخت عوامي ردعمل بعد ڊي سي بدين آغا شاهنواز بابر واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او بدين محمد فاروق لغاري کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ڊاڪٽر عابد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر صدف لوهار تي مشتمل 2 رڪني ڪميٽي به جوڙي پر انڊس اسپتال جي بااثر انتظاميا شفاف جاچ ٿيڻ نه ڏني. انڊس اسپتال جو انچارج ڊاڪٽر اخلاق جاچ تي مڪمل طرح اثرانداز ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجي ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻي عملي کي بچائڻ لاءِ رپورٽ کي دٻائڻ لڳو آهي. ڊاڪٽر اخلاق احمد صحت کاتي جو اڳوڻو  ڊي جي رهي چڪو آهي، جنهن ڪري کاتي ۾ سندس ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، ان اثر رسوخ جو ناجائز فائدو وٺندي هو انڊس اسپتال جي عملي جي سمورين ڪوتاهين ۽ غلطين مٿان پردا پوشي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. اهو ئي سبب آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ ايندڙ جاچ رپورٽ 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پڌري ناهي ٿي سگهي. واضح هجي ته ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي جي چوڻ تي صحت کاتي جي ڊي جي ارشاد ميمڻ به بدين جي انڊس اسپتال جو دورو ڪيو پر موصوف به مٿان دٻاءُ هجڻ سبب ڪو به لفظ ڳالهائڻ کانسواءِ روانو ٿي ويو، جنهن ڪري معاملو ويتر شڪي بڻجي ويو.

انڊس انچارج واقعي جو ذميوارن وارثن کي قرار ڏئي ڇڏيو

بدين: انڊس اسپتال جي انچارج پنهنجي لاپرواهي قبول ڪرڻ بدران واقعي جو ذميوار عورت جي وارثن کي قرار ڏئي ڇڏيو، عوامي آواز پاران رابطي ڪرڻ تي انچارج اخلاق احمد موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڊي ايڇ او کان معاملي بابت پڇو، جيڪو جاچ ڪميٽي جوڙيو ويٺو آهي. هن چيو ته واقعو وارثن جي غلفت سبب پيش آيو آهي، ان ۾ انڊس اسپتال جي عملي، ڊاڪٽرياڻين يا انتظاميا جو ڪو ڏوهه ناهي، اسان جي ساک کي هروڀرو خراب ڪيو پيو وڃي.

انڊس اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي سبب اڳ به باٿروم ۾ عورت ۽ سندس ٻار فوت ٿيا

بدين: انڊس اسپتال بدين جي لاپرواهي سبب اڳ به مريضن جي فوت ٿيڻ جا ڪافي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن مان نمايان واقعو واهڻائي شريف جي عورت ۽ سندس معصوم ٻار جي مرڻ جو آهي، جنهن کي ميڊيا ۾ به وڏي ڪوريج حاصل ٿي هئي. ڪجھ سال اڳ وھڻائي شريف ڀر سان ملاح برداري جي نوجوان ناري گل پري به ساڳي نموني سان انڊس اسپتال بدين ۾باٿ روم ۾ ٻار کي جنم ڏنو عورت گل پري ۽ سندس معصوم ٻار گڏ باٿ روم ۾ ئي فوت ٿي ويا ان معاملي جي جانچ لاء ان وقت صحت کاتي جو ڊائريڪٽر جرنل ۽ موجود انڊس جو ائڊمنسٽريٽ ڊاڪٽر اخلاق احمد ھو ۽ سموري معاملي ۾ انڊس اسپتال جي سموري عملي کي بچائي ويو ناري گل پري کي ڪوبه انصاف نه ملي سگھيو.

انڊس جو سربراهه عبدالباري خان بدين اسپتال جي ڪوس گهر بڻجڻ تي تماشائي

بدين: انڊس اداري جو چيف ايگزيڪٽو ڊاڪٽر عبدالباري خان آهي، جنهن کي سنڌ سرڪار جي صحت کاتي پاران انڊس اسپتال هلائڻ لاءِ ڏني وئي آهي، پر سي اي او باري خان به بدين جي سرڪاري اسپتال ۾ عوام جي ٿيندڙ موتن تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. باري خان کي سنڌ سرڪار ۽ پ پ قيادت وڏي اهميت وارو سمجهو وڃي ٿو، سندس بلاول هائوس سان به بهتر لاڳاپا چيا وڃن ٿا، جنهن ڪري سنڌ سرڪار مهربان ٿي بدين اسپتال جو واڳون سندس حوالي ڪيون آهن، پر هو بدين جي ماڻهن جي موت تي چپ سبيو ويٺو آهي ۽ معاملي تي ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.