افغانستان مسئلو ۽ سنڌ تي پوندڙ اثر!

تحرير: انجنيئر ماجد حيدري

4 ڏهاڪن کان جنگي صورتحال کي منهن ڏيندڙ افغانستان بنا ڪنهن مذاحمت جي 15 آگسٽ 2021 تي طالبانن جي هٿ چڙهي ويو ۽ موجوده صورتحال جي پيش نظر خاص ڪري سينٽرل ايشيا جا ملڪ ۽ عام طور تي سڄي دنيا عدم تحفظ جو شڪار آهي. توڙي جو دوحا معاهدي تحت آمريڪي انخلا کان پوءِ  دهشتگردي ۽ منشيات کي روڪڻ نئين ايندڙ افغان سرڪار جي زميواري هوندي پر جهڙي طرح طالبانن خوف ۽ هراس جو ماحول برقرار رکيو آهي سو لڳي ايئن ٿو ته طالبانن جي مثبت بيان بازي تي دنيا جااڪثر ملڪ هن وقت تائين اعتماد ڪرڻ لاءِ  تيار ناهن سو لازم آهي ته هٿيارن جي زور تي ڪابل فتح ڪندڙ طالبانن کي عام افغانين جون دليون دل پنهنجي ڪردار ۽ عمل وسيلي فتح ڪري ثابت ڪرڻو پوندو ته هو ويهه سال اڳ وارا طالبان نه رهيا آهن.ان سان گڏوگڏ معاشري جي هر شعبي ۾ کين عورت کي جائز مقام ڏيڻو پوندو ۽ اقليت سميت باقي آباد قومن کي به اقتدار ۾ حصو ڏئي نئين سياسي سفر جو آغاز ڪرڻو پوندو.

جيو فزيڪل جائزي موجب افغانستان کي پنجن ملڪن هر هڪ چائنا، ازبڪستان، ترڪمنستان، ايران ۽ پاڪستان جون سرحدون لڳن ٿيون پر پاڪستان کان سواءِ سڀني ملڪن سختي سان ڪنهن به پناهگير کي پنهنجي ملڪ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. بحيثيت هڪ انسان،  افغانستان جي تباهي تي اسان سنڌي ڏکارا آهيون پر سنڌ پاڻ ڏکي حالت ۾ آهي سو وڌيڪ ڌاري آبادي جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي.

توڙي جو وفاقي سرڪار جيڪا هميشه ٻٽي معيار ۽ پنهنجي موقف تان هٽڻ جي ڪري جڳ لاءِ کلڻ جو سبب بڻجندي رهي آهي تنهن جو وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ وزير اعظم جو مشير برائي سيڪورٽي معيد يوسف چئي  چڪا آهن ته افغان پناهگيرن کي نه قبول ڪيو ويندو پر ڪالھه ميڊيا ۾ اهي خبرون آيون آهن ته ڪي پي ڪي جي افغانستان معاملن جي ڪمشنر عباس خان چيو آهي ته پاڪستان سرڪار 7 لک افغانين کي ترسائڻ جو بندوبست ڪيو آهي جنهن لاءِ  طورخم بارڊر، وزيرستان ۽ چترال جا علائقا مختص ڪيا ويا آهن جتي ڪيمپس لڳائي پناهگيرن کي ترسايو ويندو پر اسانکي خدشا آهن ته نون آيل پناهگيرن جو رخ ڪجهه وقت کان پوءِ  سنڌ طرف هوندو.

اها هڪ حقيقت آهي ته 1980۾  ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر  ضياءُالحق منظم نموني افغان مهاجرين کي سنڌ آڻي رهايو جتي هاڻي سندن ٻيو نسل پروان چڙهي رهيو آهي. سرڪاري انگن اکرن جو جائزو وٺنداسين ته ايف آءِ اي جي بالا عملدار عامر نامي شخص جو بيان آن ريڪارڊ آهي ته نادرا صرف سنڌ ۾ 40 لک شناختي ڪارڊ افغانين کي جاري ڪيا آهن ۽ ان اسڪينڊل ۾ ڪيترائي نادرا جا آفيسر به گرفتار ڪيا ويا آهن پر سوال اهو آهي ته آفيسر جي معطلي ۽ گرفتاري باوجود جاري ڪيل ڪارڊ رد ڇو نه ڪيا پيا وڃن. تازو 2018 ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري پاران امن امان جي حوالي سان  هڪ تفصيلي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو هو ته سنڌ ۾ امن امان جي بگاڙ ۾ ٻاهران آيل ڌارين جو وڏو هٿ آهي جنهن ۾ افغان کان آيل پناهگير سڀ کان اڳيان آهن جيڪي هٿيارن جي اسمگلنگ ۽ منشيات جو ڪڌو ڪاروبار ڪن ٿا. تازو سنڌي وسندين توڙي انفرادي طور تي معمولي ڳالهھ تي سنڌي نوجوانن کي ڪراچي ۾ افغاني پناهگير قتل ڪندا رهن ٿا جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.

انهي ڪري سنڌ جي ووٽن تي چونڊجي آيل پ پ سرڪار لاءِ  لازم آهي ته بنا دير افغانستان جي معاملي تي سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي امڪاني انساني ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ  ٺهراءُ آڻي ۽ سنڌ جي بارڊر اٻاوڙو، ڊيرا موڙ، جيڪب آباد، حب چوڪي ۽ ڪراچي جي سمورين ريلوي اسٽيشنن تي چوڪسي سخت کان سخت ڪرڻ لاءِ  جوڳا اپاءَ وٺي ٻئي صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو اهو سمجهڻ ۾  حق بجانب هوندا ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ سندن ئي مسيحا بڻيل ڌرين جو هٿ آهي ۽ پ پ کي ان تاريخي ڦٽڪار کان پاڻ بچائڻ گهرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.