سنڌ سرڪار ڪراچي کي کنڊر بڻائي ڇڏيو: سردار عبدالرحيم

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ڪنٽومينٽ بورڊز جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺي رھي آھي،انتظاميا کي فنڪشنل ليگ جي حيثيت  کي تسليم ڪرڻو  پوندو،اميدوار پرجوش آھن،عوام اڪثريت سان ڪامياب ڪندو، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم جي صدارت ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ فيصل جي وارڊ 1 ,6 ء 8 جي ٿيندڙ چونڊن م حصو وٺڻ لاء فنڪشنل ليگ جي اميدوارن جو اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ڪنوينئير بئريسٽر ارشد بلوچ،ڊپٽي ڪنوينئير سلمان فياض،ضلع ايسٽ جي صدر الھيار بلوچ،جنرل سيڪريٽري فاروق عزير،اميدوار شڪيل احمد،عبدالستار ،شھريار نورء ٻيا موجود ھئا، ھن چيو ته بورڊ جي چونڊن ۾ ھاڻي کان رڪاوٽون وجھڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن،جيڪي اسان ڪنھن ب صورت ۾ قبول نه ڪنداسين . ،اسان صاف شفاف چونڊون چاھيون ٿا،شھر کي کنڊر بڻائيندڙ سنڌ حڪومت پنھنجن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاء پنھنجي من پسند آفيسرن جي ردوبدل ڪري رھي آھي.

گلستان جوهر مان اغوا ٿيل گمبٽ واسڻ بازياب نه ٿي

ڪراچي ( رپورٽر ) گلستان جوھر مان مبينه اغوا ڪيل گمبٽ واسڻ شادي شده عورت فاخره زال ھمٿ علي بازياب نه ٿي سگھي، وارث سخت پريشان، والد محرم علي جو چوڻ  آهي ته منھنجي گھرواري بيمار ھئي، ڌي فاخره ان کي ڏسڻ لاءِ ڪراچي آئي ھئي، 3 جولائي تي فاخره کي سلمان پنجابي، خالد محمود ۽ ٻيا اغوا ڪري ويا آهن، محرم علي جو چوڻ آهي ته اغوا جو ڪيس گلستان جوھر ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي پر پوليس ڌيءَ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ قدم نه کنيا.

ٻارن جون غير اخلاقي وڊيوز ڪيس، جوابدار ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ چائلڊپورنوگرافي ،بليڪ ميلنگ ۽هراسمنٽ جي ڪيس ۾ ايف آءِ اي جوابدار حسين کي پيش ڪري ڇڏيو آهي  عدالت هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌايا آهن .اسان ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون .ٻارڙن سميت ٻين  جي غير اخلاقي تصويرون سوشل ميڊيا پکيرڻ جو هڪ گروه موجود آهي هڪ شهري جي شڪايت جي جوابدار کي صدر جي علائقي مان گرفتار ڪيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.