ڪراچي:متحده ميگهواڙ فورم پاران اقليتن جي توهين ڪندڙن خلاف احتجاج

متحده مينگهواڙ فورم پاران اقليتن جي توهين ڪندڙ نوجوان ساجد ملڪ ۽ عبدالسلام جي اهڙي عمل خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻ سوڀو مل،رامداس ۽ ٻين چيو ته اقليتي برادري خلاف غلط زبان ڳالهائڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ،اهڙي عمل سان انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو،هنن چيو ته مذهب ڪهڙو به هجي پر مذهب جي توهين ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي،هنن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اقليتي براردي جي ننڍي عمر جي نينگرين کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ زبردست مذهب تبديل ڪري شادي ڪئي پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ اقليتن جي باري ۾ غلط لفظ ڳالهائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.