سنڌ پوليس ۾ سي پيڪ سيڪيورٽي لاءِ ڀرتي رٽائرڊ فوجي برطرف

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو )سنڌ پوليس جي سي پيڪ سيڪيورٽي لاءِ ٺاھيل اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيل  رٽائرڊ فوجين کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي.ڊي آءِ  جي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو،  ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي برطرف ڪيو ويو. ذريعن موجب رٽائرڊ فوجين کي ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو ھو، ڀرتين دوران ڪرائيٽيريا جو خيال نه رکيو ويو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سمورن رٽائرڊ فوجين کان ٻيھر امتحان وٺڻ جو حڪم ڏنو ھو،عدالتي حڪمن بعد ڪاميٽي رٽائرڊ فوجين کان ٻيھر امتحان ورتو ۽ قابليت چيڪ ڪئي وئي، امتحانن بعد صرف 9 اھلڪارن کي اھل قرار ڏئي باقي سمورن رٽائرڊ فوجين کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، ڪاميٽي جي سفارشن بعد ايس پي يو ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجين کي فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.