گرفتار پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ جي ضمانت منظور

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي عدالت شهزاد اڪبر جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ گرفتار جهانگير ترين گروپ جي ايم پي اي نذير چوهاڻ جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

لاهور پوليس تحريڪ انصاف جي گرفتار ايم پي اي نذير چوهاڻ کي جڊيشل مئجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو، عدالت نذير چوهاڻ کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته مچلڪا جمع نه ڪرائڻ تي نذير چوهاڻ کي 14 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو وڃي، جيل وڃڻ جي صورت ۾ نذير چوهاڻ کي 10 آگسٽ تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.