گڏاپ واسي گم ٿيل نوجوان نه مليو، وارث پريشان

گڏاپ (ن ع آ) لاسي ڳوٺ واسي 20سالن جي پورهيت نوجوان منيراحمد جو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آھي , فيڪٽري مان مزدور بعد رستي تان لاپتا موبائل فون بند ڀيڻ ڀائر گهر ڀاتي پريشان روئي روئي بي حال امڙ کي بيهوشي جا دورا,گهر ۾ ڪهرام متل عيد جون خوشيون به زهر ٿي ويون آھن ۽ نه وري اسان جي ڪنهن سان ڪا دشمني آھي اسين مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندا آھيون نوجوان جي ڀائرن شبيراحمد ,نظيراحمد ۽ ننڍڙي ڀاء حافظ قرآن ظھير احمد گڏاپ پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو 20 سالن جو نوجوان ڀاء منيراحمد فيڊرل بي ايريا ٿاڻي جي حد شفيق موڙ ڀرسان ڪم ڪندو هو ۽ ڪارخاني مان 18 هزار روپيه پيئمنٽ وٺي نڪتو ته ان بعد ان جو مسلسل موبائل به سچ آف ٿي ويو ۽ ان پوء ھو لاپتا آھي ,۽ ان جو هن محل تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آھي,فيڊرل بي ايريا ٿاڻي تي اين سي به ڪرائي سي پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هٿ هٿ ڏيئي ويٺو آھي,هنن هن محل تائين ڪک به ڀڃي ٻيڻو نه ڪيوآھي ۽ اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي امڙ کي باربار بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آھن سڄي رات نه ڪي پاڻ ننڊ ڪري ٿي نه ڪي ٻيا گهر ڀاتي سمهي سگهن ٿا هو گهر جي دروازي آڏو ليٽي پئي آھي ته من منهنجو ٻچڙو اچي دروازو کڙڪائي اسان ننڊ ۾ ھجو هو واپس نه هليو وڃي هنن وزيراعلي سنڌ ,آء جي سنڌ ,انساني حقن جي لاء ڪم ڪندڙ اين جوز ۽ ٻين وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاء جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.