دوڙ ، نوابشاھ ، سجاول ۽ سوڀوديرو جون خبرون

دوڙ لڳ مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر،3 ڄڻا فوت ، 6 زخمي

 

نوابشاهه: آر او پلانٽ جي ملازمن پاران 6 مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

 

سجاول :  گهر جي بجلي ٺاهيندي نوجوان ۽ سندس پيءُ ڪرنٽ لڳڻ سبب  فوت

 

سوڀو ديرو: ڏينهن ڏٺي جو نوجوان کان موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي زخمي

مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي دوڙ جي علائقي ٻانڌي لڳ لڄپال ھوٽل ڀرسان ٻن ڪارن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ روھڙي واسي واصف سروھي، عارف سروھي ۽ ٽنڊوآدم واسي اطھر علي شاھ فوت ٿي ويا جڏھن ته عرفان علي، فرحان علي، وحيد، محمد ساجد ۽ ارشد زخمي ٿي پيا، جن کي نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته روھڙي واسي سانگھڙ وڃي رھيا ھئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون .

2

آر او واٽر فلٽر پلانٽ جي ملازمن پاران گذريل 6 مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف رجب علي سومرو، عبدالحڪيم لاشاري، افضل کوسو، رمضان ھوت، عبدالرزاق کوکر، محمد خان خاصخيلي، اياز چانديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ملازمن چيو ته  اسان گذريل 10سالن کان آر او پلانٽ تي ڪم ڪري آھيون ليڪن اسان سان پبلڪ ھيلٿ کاتو ناجائزي ڪري ٺيڪيدار کي ٺيڪو ڏئي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري غريب آپريٽرن کي بک ۽ بدحالي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي ،   ھنن چيو ته عيد مٿان آھي اسان ٻارن لاءِ ڪابه خريداري نه ڪئي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پگھارون جاري  بي چيني ختم ڪئي وڃي.

3

سجاول ڀرسان گهر جي بجلي ٺاهيندي نوجوان ۽ سندس پيءُ ڪرنٽ لڳڻ سبب  فوت ٿي ويا، سجاول لڳ ڳوٺ بچو سهتو ۾ گهر جي بجلي ٺاهيندي نوجوان صفر سهتو ۽ سندس پيءُ جعفر سهتو بجلي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا ،بجلي ٺاهيندي نوجوان  کي اوچتو ڪرنٽ لڳو جنهن کي بچائڻ لاءِ آيل  سندس پيءُ  پڻ بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي پيءُ ۽ پٽ جي لاشن کي سول  اسپتال سجاول آندو ويو جتي  ضروري ڪاروائي بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا،  لاش ڳوٺ بچو سهتو پهچڻ تي گهر اندر ڪهرام مچي ويو جنهن سبب سڄي ڳوٺ ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون .

4

سوڀوديرو لڳ ڪچي جي ٿاڻي محمود چنا جي حد ۾ ٻن ھٿياربندن امن جي شھي وٽ  سچل چنو ۽ شھمير چنو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سچل چنو مزاحمت ڪئي  جنهن تي ھٿياربندن سچل چنو کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  زخمي کي وارث سوڀوديرو اسپتال کڻائي آيا زخمي سچل چنو ٻڌايو ته مان موٽرسائيڪل خريد پيو ڪيان موٽرسائيڪل چيڪ ڪرڻ لاء ھلائي اڳتي ويس ته ٻن ھٿياربندن گوليون ھڻي زخمي ڪيو ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪئي  ھڪ ھٿياربند جو نالو شھزادو سيال آھي ۽ ٻئي ھٿياربند دلشير سيال  کي ڳوٺاڻن پڪڙي محمود چنا پوليس حوالي ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.