سردار تيغو خان تيغاڻي عدالت ۾ پيش، حتمي چالان جمع

شڪارپور(ڊ ر) شڪارپور جي ڳڙھي تيغو واري ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شھيد ٿيل اهلڪارن منور علي جتوئي،عبدالخالق سولنگي ۽  وٽو گرافر حسيب شيخ جي ڪيس ۾ ڏوهارين جي سرپرستي جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سردار تيغو خان تيغاڻي کي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڪالھ ڇھون ڀيرو سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ پيش ڪيو ويو جتي 54 ڏينھن بعد ناپر ڪوٽ پوليس ۽ ڪيس جي جانچ آفيسر حاجن شاھ طرفان اي ٽي سي جي جج حيدر علي ابڙو جي عدالت ۾ حتمي چالان پيش ڪيو جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ،جڏھن ته سردار تيغو خان تيغاڻي جي وڪيل جي ڪي جروار عدالت ۾ ٻيو ڀيرو ضمانت لاءِ دليل پيش ڪرڻ بعد عدالت ۾ ضمانت جي درخواست پڻ داخل ڪرائي جنھن تي اي ٽي سي عدالت ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ھڪ ھفتي کانپوءِ 24 تاريخ تي فيصلو ٻڌائڻ جو چيو ويو آھي،جنهن کانپوءِ سردار تيغو تيغاڻي کي سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ وري شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ جيل موڪليو ويو، هوڏانهن ڳڙھي تيغو واري ڪچي ۾ پوليس پاران اعلانيل گرينڊ آپريشن پڻ ھن وقت تائين ڪي به نتيجا ڏئي ناهي سگهيو،جڏھن ته شھيد اهلڪارن جا وارث انصاف جا منتظر بڻيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.