مڪلي جي درگاھن تي دعا لاءِ آيل ماتلي واسي نوجوان گم

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) مڪلي جي درگاھن تي دعا لاءِ آيل ماتلي واسي نوجوان گم، وڏين ڪوششن بعد ٻئي ڏينھن نوجوان جي ھٿ اچڻ تي وارثن حوالي ڪيو ويو. مڪلي تان گم ٿيڻ بعد ھٿ آيل ماتلي جي رھواسي اسد قائم خاني جي ڀيڻ مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته آچر واري ڏينھن ھو پنھنجي ڀاءُ اسد قائم خاني جنھن جو دماغي توازن درست ناھي کيس مڪلي جي درگاھن تي دعا لاءِ وٺي آياسين جتان ھو گم ٿي ويو، جنھن جي ڳولا ڪندي ھو ڪالهھ سومر ڏينھن اسانکي مڪلي تان ھٿ اچي ويو آھي. ھنن انڪشاف ڪندي چيو ته  سندن بي رحم ڀاء سفير قائم خاني گذريل ھڪ سال کان وٺي سندن پيء محمد اياز قائم خاني کي جيڪو ماتلي جي عدالت ۾ ملازم آھي، پئسن جي لالچ ۾ گذريل ھڪ سال کان ھڪ ڪرائي جي جاءِ ۾ قيد ڪري رکيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.