صعنان قريشي ۽ قيادت جي آزادي لاءِ جسقم جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي / حيدر آباد / سکر (نمائندن وٽان) جسقم چيئرمين سميت قيادت جي آزادي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ نمائندن جي مليل رپورٽن ۾ کهڙا ۾ محمد علي اڄڻ، اياز ڪورائي، اعجاز ڦلپوٽي، عدنان سنڌي، ڏاڏي اطهر سومري، گمبٽ ۾ خرم مهيسر، مقصود مهيسر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ٿيا، هوڏانهن جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ سينگار علي نوناري  ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي 36ڏينهن به احتجاج جاري رهيو احتجاج تي جسقم اڳواڻ مورڙيو ميربحر راڻو جلباڻي برڪت جلباڻي علڻ رند غوث علي ڪيريو عاشق لاکو ارباب سولنگي علي سنڌي ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ خالد سولنگي ذولفقار کوکر ۽ ٻين مسلسل ڇٽيھ ڏينهن کان احتجاج جاري رکندي چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين اڳواڻن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ کنڀي گم ڪيل سينگار علي نوناري کي به ظاهر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو اڃان وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.