فريد آباد جي واهن جي کاٽي نه ٿي، پاڻي کوٽ، عملدارن خلاف مظاهرا

فريدآباد  ( ن ع ا) آفريد آباد ڌامراھ  واھ جي پڇڙي جي شاخن بشارت شاخ ـ ماڏو شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف فريدآباد  ۾ پڇڙي جي ھارين ۽ آبادگارن محمد ايوب ڏيرو ـ اڪبر چانڊيو ـ فتح محمد رند ڪريم بخش ڏيرو ـ محمد ھاشم ڏيرو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪندا اچي سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ـ شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جھڙا نعرا ھنيا ـ آبادگارن ھارين جو معاشي قتلام بند ڪريو جھڙا نعرا ھنيا  آبپاشي انجنيئر نديم جوکيو کي ھٽايو جا زوردار نعرا ھنيا ـ ان موقعي تي  ڌرڻي کي آبادگار محمد ايوب ڏيرو خطاب ڪندي چيو ته ڌامراھ  واھ جي شاخن ۾ پاڻي ناھي ، بشارت شاخ ۽ ماڏو شاخ ۾ واري اڏامي رھي آهي ــ پاڻي نه ھجڻ ڪري پوکيل سارين جوٻجارو سڙي رھيو آهي ڌامراھ واھ تي راشي  انجنيئر ـ ايس ڊي او ـ۽ داروغا ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن .ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ ـ آبپاشي جي صوبائي وزير سھيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته ڌامراھ واھ جي پڇڙي جي شاخن بشارت شاخ ، ماڏو شاخ تي پاڻي پھچايو وڃي ـ راشي ڪرپٽ آبپاشي عملدارن کي فورن ھٽايو وڃي، کاٽي جي بھاني ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ، سڀاڻي احتجاجي ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.