ارسا چيئرمين جي پاڻي جي برابر ورڇ جي اعلان تي عمل ناهي ٿيو: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڻي ورڇ تي خدشا ختم ناهن ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته صوبي ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو سنگين ٿي ويو آهي ۽ فصل متاثر ٿيا ته ملڪي معيشت تي به اثر پوندو.

هن چيو ته پاڻي ورڇ تي سنڌ جا خدشا ختم ناهن ڪيا ويا ۽ هن وقت به صوبو 35 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ارسا چيئرمين جو پاڻي جي برابر ورڇ جو اعلان رڳو اعلان ئي آهي، ان تي عمل ناهي ٿيو.

سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ڪراچي ۾ 6 واٽر هائيڊرينٽ هلايا پيا وڃن، ڪراچي ۾ پاڻي جي منصوبي ڪي فور تي سنڌ حڪومت جو ڪم مڪمل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.