سنڌ مان 314 ماڻهن جي جبري گمشدگي جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس صوبي مان 341 گم ٿيل ماڻهن جي نئين فهرست سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي.

پوليس گم ٿيل ماڻهن جي نئين فهرست تيار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب ڪراچي رينج مان 307، حيدرآباد مان اڃا تائين 17 ڄڻا گم آهن، جڏهن ته سکر رينج مان 9، لاڙڪاڻي مان 7 ۽ ميرپورخاص مان هڪ شهري جي گمشدگي جون رپورٽون آهن.

رپورٽ موجب ڪراچي جي ويسٽ زون مان 128، ايسٽ زون مان 60 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيلن جي آزادي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت فهرست پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.