گم ٿيل 70 ماڻهن جو ڪيس، ڪاغذي ڪارروائيون نه نتيجا کپن : سنڌ هاءِ ڪورٽ

 ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گُم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اختيارين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  70 کان وڌيڪ گُم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جنهن نموني ڪارروائي ڪري رهي آهي، ائين ته گُم ٿيل ماڻهو قيامت تائين بازياب نه ٿيندا. اسان کي نتيجا کپن، ڪاغذي ڪارروائين سان ڪجهه نٿو ٿئي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جي ڪيترن ئي اجلاسن باوجود گم ٿيل ماڻهن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، جي آءِ ٽي آفيسر ذميواري پوري نٿا ڪن. عدالت گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين واڳيل اختيارين کان 7 آگسٽ تائين اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته گُم ٿيل سرڪاري ملازمن جون پگهارون جاري نه ٿيڻ تي به گُم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان ڪميشن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻيءَ دوران گُم ٿيڻ بعد بازياب ٿيل سعيد احمد پاڻمرادو ئي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت کانئس پُڇيو ته توهان کي ڪنهن گُم ڪيو ۽ ڪٿي رکيو. بازياب ٿيل شهري سعيد احمد عدالت کي ٻڌايو ته اکين تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ هڪ مهيني تائين اڻڄاتل هنڌ تي رکيو ويو هو.

You might also like