ڊکڻ لڳ ايمبولينس جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيرسن فوت

ڊکڻ( ن ع آ )  ڊکڻ لڳ رتوديرو-جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي بهرام بروهي لاڙي وٽ ايمبولينس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،پيرسن  ڳوٺاڻو فوت،خبر موجب ڊکڻ لڳ رتوديرو-جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي بهرام بروهي لاڙي وٽ ايمبولينس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو،جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ بهرام بروهي واسي پيرسن ڳوٺاڻو صحبت بروهي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته غلام شاھ پوليس فوتي پيرسن جو لاش ڳڙهي ياسين اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ،جڏهن ته غلام شاھ پوليس ايمبولينس کي ڊرائيور سميت پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي،

لاڙڪاڻي ۾ دل جي دوري سبب پيرسن قيدي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ دل جي دوري سبب پيرسن قيدي فوت ٿي ويو، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قتل  ڪيس جي قيدي راڌڻ واسي 80 سالن جي پيرسن محمد موسيٰ جتوئي کي دل جي دوري سبب چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران قيدي جي موت جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته جيل پوليس طرفان اهڙو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو جيڪي اسپتال پهتا جتي سول جج ۽ جڊيشل مجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ ضروري ڪاروائي بعد دل جي دوري سبب فوت ٿي ويل پيرسن قيدي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي انتظاميه جو چوڻ هو ته قتل ڪيس جي پيرسن قيدي محمد موسيٰ جتوئي پنهنجي پٽ ممتاز جتوئي سان گڏجي گذريل چار جنوري کان ڊويزن چار بيرڪ نمبر 7 ۾ قيد هو جتي رات اڍائي وڳي سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جنهن کي چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو ويو جتي رات چئين وڳي قيدي محمد موسيٰ جتوئي دل جي دوري سبب هو فوت ٿيو. هوڏانهن فوتي جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

مٽياري ۾ پوليس هٿان 16 پينو فقير گرفتار

مٽياري (ن ع آ ) مٽياري ضلعي ۾ پينو فقيرن ۽ وڏي آواز ۾ ٽيپ وڄائيندڙن خلاف پوليس ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سلسلي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن  16 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پوليس موجب ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي گداگري ايڪٽ تحت 9 ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تحت 7 ڪيس داخل ڪري 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ڪيس ٿاڻن ۾  مٽياري، سيکاٽ، اڏيرولال وليج، اڏيرولال اسٽيشن، کيبراني، ڀٽ شاهه، هالا، شاھپوردرپور ۽ نيوسعيدآباد ٿاڻا شامل آهن، ٻئي پاسي ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جو چوڻ هو ته اي آئي جي حيدرآباد ريجن ۽ ڊي آئي جي جي؛ هدايتن کانپوء ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون ڏنيون ويون هنيون ته گداگري ايڪٽ ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ 2015 تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن جنهن بعد ضلعي ۾ اها مهم هلائي پئي وڃي.

سجاول جوڻيجو لڳ عورت گم، اغوا جو ڪيس درج

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو لڳ ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مھيسر گھر پنھنجا مان شادي شدا عورت 23 سالن جي حميدان زال امام الدين بروھي مبينـ طور تي گھران نڪري وئي جڏھن تـ گھران   مبينـ طور تي نڪري ويل عورت حميدان جي مڙس امام الدين بروھي جي فرياد تي پوليس قربان مھيسر ڪشمير مھيسر محسن ۽ شيرباز مھيسر خلاف اغوا زنا جو ڪيس داخل ڪيو آھي فريادي داخل ڪرايل ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو آھي تـ ڄاڻايل جوابدار ھٿيارن جي زور تي منھنجي گھر ۾ داخل ٿي منھنجي زال کي اغوا ڪري ويا آھن.  ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين چئن جوابدارن مان پوليس ھڪ بـ جوابدار کي گرفتار نـ ڪري سگھي آھي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو خادم حسين بليدي ٻڌايو تـ عورت کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو آھي جلد عورت کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

راڌڻ پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل مينهون ڇڏائي ورتيون

راڌڻ  ( ن ع آ ) راڌڻ پوليس ٻن ڏينهن اندر ٻي ڪامياب ڪاروائي ڪندي ڳوٺ نواب جو پٽ مان جان محمد خاصخيلي جي چوري ڪري گاڏي ذريعي کنيون ويندڙ ڀلوڙ  مينهن ڳوٺ صلاح جتوئي ڀرسان گشت ڪندڙ راڌڻ پوليس اهلڪارن ڇڏائي ورتي جڏهن ته گاڏي جو ڊرائيور وزير علي سولنگي ۽ چوري ۾ ملوث راڌڻ واسي چور اسد علي جهتيال پڻ موقعي تي گرفتار ڪري ورتا ايس ايڇ او راڌڻ ممتاز علي سرڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تمام جلد راڌڻ ۽ آسپاس مان ٿيل وارداتون رڪور ڪري وارثن حوالي ڪيون وينديون.  راڌڻ پوليس جي ڪامياب ڪاروائي تي شھر جي ساڃاھ وندن ۽ سول سوسائٽي سان سلهاڙيل ماڻھن ۾خوشي جي لهر چوري ٿيل مينهن جي واپسي تي مينهن جي مالڪ راڌڻ پوليس زنده باد جا نعره پڻ هنيا.

ميهڙ شهر مان ناليواري اديب جي پريس دڪان مان چوري، احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ ) ميھڙ ۾ ايس ڊي ايم، مخيتار ڪار ۽ جيل سامھون شھر جي وچ مان آدرش پريٽنگ پريس لياقت جانوري سينٽر مان مشھور اديب ليکڪ ۽ ڪالم نويس اظھر  آدرش سولنگي جي گذريل رات نامعلوم چور آدرش پريس جو دروازو ڀڃي قيمتي سامان ليپٽاپ، بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. ميھڙ جي عالمن اديبن جو اھڙي ڪڌي عمل خلاف آدرش پريس آڏو احتجاج ڪندي حاتم سولنگي، اظھر سولنگي، حبيب حضوري، اعجاز مھيسر، منظور مولائي ۽ ٻين چيو ته ھي ائين سمجھو ته علم ادب جي چوري ٿي آھي!.  ليپٽاپ م حبيب حضوري، آزاد انور ڪانڌڙو، ڊاڪٽر وھاب ڪنڀر، ڊاڪٽر اعجاز سوڍر، فاروق سومرو ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڪمپوز ٿيل ھئا ۽ ٻيو علمي ادبي مواد موجود ھو! اديبن عالمن ۽ صحافين پريس سامھون احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته چوري ٿيل سامان فورن واپس ڪري عالمن اديبن شاعرن ۽ دوڪاندارن مان عدم تحفظ جو احساس ۽ بي چيني دور ڪئي وڃي. ٻي صورت م سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ٺٽي ۾ اسپتال ۽ اسڪول لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) نوان چليا ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن ڳوٺ خدابخش سرڪي، ماڊل وليج چليا، ڳوٺ محبوب شورو ۽ ٻين ڳوٺن جي رھواسين ڪامريڊ نبي بخش  سرڪي، وڏيرو خانو سرڪي، محبوب، مبارڪ شورو، پٺاڻ ملاح، خليفو ابراھيم للنگ، عمر سرڪي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آھي تہ نوان چليا جي وڏي آبادي ھوندي ھتي نہ ڪا اسپتال آھي ۽ نہ ئي نياڻين جو ڪو اسڪول آھي، جنھن ڪري بيمار ماڻھن کي علاج لاءِ ٺٽي ۽ مڪلي جي اسپتالن ۾ وڃڻو پوي ٿو، ان کانسواء نياڻين جو اسڪول نه ھجڻ ڪري سندن نياڻيون تعليم کان محروم ٿي رھيون آھن، جڏھن تہ سمورا ڳوٺ سوئي گئس کان پڻ محروم بڻيل آھن..  کين ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي. ھنن وس وارن کان سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي آھي.

ميان صاحب ڀرسان ڊاٽسن کاھي ۾ ڪلٽي ،  5 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان همايون ٿاڻي جي حد جيڪب آباد – شڪارپور قومي شاهراھ تي مخولپور چوڪي ڀرسان مچي سان ڀريل ڊاٽسن جو جيڪب آباد  کان سکر ويندي اوچتو ٽائر برسٽ ٿي پيو جنھن سبب ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ٽرڪ سان ٽڪرائجي کاھي ۾ ڪلٽيون کائيندي ڪري پئي پوليس پھچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.

ميان صاحب ڀرسان پر اسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان مبينا فائرنگ ، مبينا فائر لڳڻ سبب نوجوان زخمي ، اسپتال منتقل ، ھمايون ٿاڻي  جي حد ڳوٺ ابدال ڀرسان رات دير سان مبينا فائر لڳڻ سبب نوجوان سعيد احمد پٽ بدر معرفاڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو ھمايون پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.