قاضي احمد ڄام چنگيز ڪالوني ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف ڪالوني جي رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڪالوني واسين جو چوڻ هو ته ڄام چنگيز ڪالوني ۾ ڪچري جا ڍير ٿي ويا آھن پر صفائي نٿي ڪئي وڃي جنهن ڪري هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن
علائقي واسين اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون ڪميٽي وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄام چنگيز ڪالوني مان في الفورڪچرو کڻائي صفائي جو عمل مڪمل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.