ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو جهاز عدالتي حڪم تي قبضي ۾ ورتو ويو، مسافر پريشان

ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جي بوئنگ 777 جهاز کي ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي مقامي اختيارين قبضي ۾ وٺي ڇڏيو.

پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملائيشيا جي عدالتي حڪم تي جهاز کي قبضي ۾ وٺڻ هڪ اڻ وڻندڙ صورتحال آهي، مسئل جي احسن حل تائين مسافرن تائين جي مناسب سار سنڀار ڪئي ويندي.

پي آءِ اي جي ترجمان چيو ته ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو هڪ جهاز عدالتي حڪم تي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جهاز جي ليز جون رهتون ادا نه ڪرڻ تي ملائيشيا ۾ پي آءِ اي جو جهاز قبضي ۾ ورتو ويو آهي، ان معاملي ۾ برطانوي عدالت پي آءِ اي ۽ هڪ پارٽي جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، پي آءِ اي ۽ برطانيا جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ٻي ڌر جي وچ ۾ قانوني تڪرار بابت هڪ طرفو فيصلو آهي.

هڪ ٻئي بيان ۾ پي آءِ اي جي ترجمان چيو ته ڪوالالمپور جهاز جي سمورن مسافرن ۽ عملي جي ميمبرن جي وطن واپسي جا بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن، سمورا ماڻهو امارات ايئر لائن جي ذريعي مقامي وقت موجب رات 1:40 منٽن تي ڪوالالمپور کان روانا ٿيندا، 167 مسافرن کان سواءِ 18 عملي جا ميمبر به شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.