”برطانوي پارليامينٽ به والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته برطانوي پارليامينٽ اڄ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي بحث جي شروعات ڪري ڇڏي، اسان شروع کان چوندا پيا اچون ته ڀارت دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته برطانوي پارليامينٽ والاريل ڪشمير ۾ قتل عام جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري مسئلو آهي ۽ وڏي عرصي کان سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي.

هن چيو ته اڄ برطانوي پارليامينٽ ميمبر چئي رهيا آهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڪاري قانون جو سهارو وٺي ڀارتي قابض فوج بنيادي حق کسيا آهن، هٿين خالي ڪشميري نوجوانن کي کنيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.