اساما جي ناحق قتل جو اعتراف، نوجوان کي هر صورت ۾ مارڻ جو پروگرام هو: عدالتي ڪميشن

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد ۾ شاگرد جي قتل ڪيس بابت جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اسامه ستي کي منصوبابندي تحت مارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،اهلڪارن به نوجوان کي ناحق قتل ڪرڻ  جو اعتراف ڪيو آهي. جڏهن ته  وزيراعظم اسامه جي وارثن کي پاڻ وٽ گهرائي انصاف جي خاطري ڪرائي آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي روڪ عدالت ۾ اسامه ستي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس جوابدارن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي کين عدالت جي سامهون  پيش ڪيو. عدالت جي جج راجا جواد عباس جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟ جنهن تي جاچ آفيسر وراڻيو ته جوابدار اعتراف ڪري رهيا آهن ته انهن جي هٿان بي ڏوهه شهري جو موت ٿيو. عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوجوان کي هر صورت ۾ مارڻ جو پروگرام هو. عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته گاڏي تي هڪ نه پر چئن طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي، زخمي کي اسپتال پهچائڻ بدران رستي تي رکيو ويو. اساما جي والدين کان چئن ڪلاڪن تائين قتل لڪايو ويو، ريسڪيو ٽيم کي به غلط ايڊريس ٻڌائي وئي. وري ٽيم کي واپس گهرائي چيو ويو ته واپس اچو ڪو واقعو ئي ناهي ٿيو. اهلڪار طاقت جي نشي ۾ ناحق قتل تي خوش هئا، واقعي کان پوءِ آيل ڊيوٽي آفيسر به پٽي ڀائين سان ملي ويا. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سبب مارجي ويل شاگرد اسامه ستي جي والد نديم يونس ستي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.گهرو وزير شيخ رشيد به اسامه ستي جي والد کي فون ڪيو ۽ چيو ته اسامه جا وارث جيئن چاهيندا حڪومت اهڙي طريقي سان ئي جاچ ڪرائڻ ۾ پوري مدد ڪندي. هاءِ ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ جاچ چاهين ٿا ته قانون واري وزارت کي خط لکندس.هن چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي جج کان انڪوائري ڪرائڻي آهي ته اوهان جي جواب جي انتظار ۾ آهيان. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.