سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 22 مريض فوت، 1064 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن  دوران ڪورونا  وائرس سبب وڌيڪ 22 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي  3730 تائين ٿي ويو آهي ۽ 12566 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1064 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 15980 مريضن جو علاج جاري آهي.  جن ۾ 15061 گهرن ۾، 12 آئسوليشن سينٽرن ۽ 907 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 820 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي هن چيو ته  حيدرآباد 37، شهيد بينظير آباد 18، بدين، قمبر ۽ خيرپور 16-16، شڪارپور ۽ ٽنڊو محمد خان 10-10، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ 7-7، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، سجاول ۽ سکر 6-6، گهوٽڪي، نوشهرو فيروز ۽ ٽنڊو الهيار 5-5، ٺٽو ۽ ڪشمور 2-2، دادو ۽ سانگهڙ ۾ 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.