مڪاني کاتي ڪا به ڪارڪردگي ڏيکارڻ بنا 4 ارب 79 لک رپيا اڏائي ڇڏيا

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)مڪاني ادارن واري کاتي بنا ڪنهن ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۽ ڪورونا باوجود سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا  4 ارب 79 لک رپيا اُڏائي ڇڏيا،جڏهن ته کاتي رڳو بجلي جي بلن واري اڪائونٽ  مان 3 ارب 50  ڪروڙن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي،عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب مڪاني ادارن واري کاتي بنا ڪو وڏو ڪم ڪرڻ يا ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جي ٻن ٽماهين ۾ جاري ٿيل رقم تي هٿ صاف ڪري ورتا آهن،ناڻي کاتي سنڌ مڪاني ادارن واري کاتي کي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا ٻن ٽماهين لاءِ 4 ارب 11 ڪروڙ 56 لک رپيا جاري ڪيا جنهن مڪاني ادارن واري کاتي اڪائونٽ نمبر  A03303 مان بجلي جي نالي تي 3 ارب 50 ڪروڙ رپيا ڪڍي خرچ ڪري ڇڏيا آهن،ان کان علاوه هڪ ٻئي وڏي اڪائونٽ "ٽوادرس” نمبر A05270 مان 49 ڪروڙ 30 لک رپيا الڳ سان خرچ ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو ڪو به حساب ڪتاب ناهي،ناڻي کاتي ٽو ادرس واري اڪائونٽ ۾ ٻن ٽماهين دوران59 ڪروڙ 30 لک رپيا جاري ڪيا جنهن مان 49 ڪروڙ 30 لکن کي رڳڙو ڏنو ويو آهي،مڪاني ادارن واري کاتي پيٽرول جي نالي تي هڪ الڳ اڪائونٽ مان 21 لک 70 هزارن جي رقم کي ٻُڙي ڏني آهي وري ٽريولنگ الائونسن جي نالي تي جدا پوڻا ٻه لک رپيا ڪڍرائي ورتا آهن،ڇپائي ۽ پبليڪيشن جي ڪم جي نالي تي هڪ جدا اڪائونٽ مان 13 لک 41 هزارن جي رقم کي ٻُهارو ڏنو آهي ۽ ان بابت ڪي به تفصيل فراهن  ناهن ڪيا ته کاتي ۾ ڇپائي جو ڪهڙو ڪم ٿيو آهي،ٽيليفون جي نالي تي 6 لک خرچ ڪيا آهن وري اسٽيشنري جي نالي تي 9 لک 38 هزار رپيا هڪ جدا اڪائونٽ مان ڪڍرائي خرچ ڪري ڇڏيا آهن،هارڊ ويئر جي خريداري جي نالي تي اڪائونٽ نمبر A09201 مان وري 2 لک 40 هزارن جي رقم کي اُڏايو آهي،مشينري جي خريداري لاءِ وري هڪ ٻي اڪائونٽ جو استعمال ڪندي 4 لک 67 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي.

سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جو تيزي سان استعمال

ڪراچي:مڪاني ادارن واري کاتي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جو استعمال تيزي سان ڪيو آهي،بنا ڪنهن ڪارڪردگي جي ساڳئي ڪم جي نالي تي رقم ڪڍڻ لاءِ مختلف هيڊ استعمال ڪيا آهن ٽو ادرس جو هڪ الڳ هيڊ استعمال ڪندي 12 لک 99 هزار رپيا خرچ ڪيا آهن جڏهن ته پيٽرول ۽ ٽرانسپورٽ الائونس جي نالي تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ کانپوءِ وري ٽرانسپورٽ جي نالي تي ٽن اڪائونٽس جو استعمال ڪيو آهي ٽي نمبر اڪائونٽ A13001 مان ٽرانسپورٽ جي نالي تي 5 لک 34 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي يونيفارم جي خريداري جي نالي تي 2 لک 66هزار ۽ وري ادر سروسز جي نالي تي 3 لک 71 هزارن جي رقم کي رڳڙو ڏنو آهي

رڳو فرنيچر جي خريداري لاءِ ٻن هيڊز جو استعمال

ڪراچي: مڪاني ادارن واري کاتي سيڪريٽريٽ سائيڊ جي بجيٽ جا مختلف هيڊن خرچ ڏيکاري رقم کي رڳڙو ڏنو  آهي دستاويزن موجب رڳو فرنيچر جي خريداري لاءِ ٻن هيڊز کي استعمال ڪيو آهي هڪ اڪائونٽ نمبر  A09701 مان 3 لک ڪڍي خرچ ڪيا آهن ته وري هڪ ٻئي اڪائونٽ نمبر A13201 مان 1 لک 11 هزارن جي رقم ڪڍي ان مان فرنيچر جي خريداري ڏيکاري آهي جڏهن ته ڪنوينس چارج جي نالي تي هڪ هيڊ مان وري 32 هزار الڳ سان ڪڍرايا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.