ماٿيلي ۾ ٿاڻي ڀرسان گهر مان 25 لک رپين جي چوري

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو ٿاڻي جي چند قدم جي فاصلي تي مين پرائمريري اسڪول جي ڀرسان هندو نوجوان ڪرن ڪمار جي گهر مان تقريبن 25 لک روپين جي چوري ٿي آهي، جڏهن ته نامعلوم  چور گهر جا تالا ٽوڙي گهر ۾ پيل 10 لک رپيا روڪ رقم، 10 لک رپين جا سونا زيور ۽ گهر ۾ پيل قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته گهرڌڻي ڪرن ڪمار پنهنجي ڀاءُ راجڪمار جي شادي ڪرائڻ لاءِ ڄڃ سان گڏ شڪارپور ويل هئا ته نامعلوم چور گهر کي تالو هئڻ سبب گهر مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته گھر مالڪ ۽ پ پ پ مينارٽي ونگ اڳواڻ ڪامريڊ ڪڪو رام عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرن ڪمار  پنهنجي ڀاءُ جي شادي ڪرائڻ لاءِ شڪارپور ويل هئا جڏهن واپسي گھر پھتا ته گھر جا تالا ٽٽل ڏسي سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ گھر اندر داخل ٿيڻ تي گھر مان سون سميت لکين رپين جي چوري ٿيل ڏسي ھيران پريشان ٿي ويا جڏهن ته ڪامريڊ ڪڪو رام چيو ته اسان ايس ايس پي گهوٽڪي  عمر طفيل ۽ ايس ايڇ او ميرپورماٿيلو کان مطالبو ٿا ڪريون ته بنادير جي چوري ٿيل واپس ڪرائي وڃي  جيڪڏهن اسان کي ٽي ڏينهن اندر ٿيل چوري واپس نٿي پوءِ احتجاج ڪيو ويندو ھوڏانھن وري گهر ڌڻي جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا ، جڏهن ته پوليس ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو، ۽ پوليس خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوري جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، پر افسوس پوليس اگهور ننڊ ۾ ستل آهي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.