”مچ سانحي جي وارثن ۽ همدردن جا ڌرڻا جائز آهن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مچ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ همدردن طرفان هنيل ڌرڻا جائز آهن.

سيد ناصر حسين شاهه پنهنجي هڪ اهم بيان ۾ چيو ته هزاره برادري جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مچ سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ همدردن طرفان هنيل ڌرڻا جائز آهن، هنن جا مطالبا قبول ڪيا وڃن.

ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جا وزير ۽ ترجمان رات ٽي وي تي ويهي چئي رهيا هئا ته وزير اعظم هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪوئيٽا ويندو، انتظامي نه سهي انساني همدردي جي بنياد تي وزير اعظم کي فوري طور ڪوئيٽا وڃڻ گهرجي، وفاقي حڪومت واڳون جا ڳوڙها وهائڻ ڇڏي ۽ وزير اعظم فوري طور ڪوئيٽا وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.