افغانستان جو مچ واقعي ۾ مارجي ويل 3 ڄڻن جا مڙهه حوالي ڪرڻ جو مطالبو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان قونصل جنرل پرڏيهي وزارت کي خط لکيو آهي ته مچ ۾ ٽي افغانين جون ميتون افغانستان جي حوالي ڪيون وڃن.

افغان قونصل جنرل پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي خط لکيو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته مچ ۾ ٿيل افسوس جوڳي واقعي ۾ 7 افغاني به شامل آهن، پاڪستاني اختيارين 3 افغان شهرين جا لاش واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪري.

افغان قونصل جنرل جو چوڻ هو ته مزدورن تي حملو ڪندڙ دهشتگرد پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جا دشمن آهن، واقعي جي شديد مذمت ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.