نوابشاهه: مجلس وحدت المسلمين پاران مچ واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

مجلس وحدت المسلمين پاران مچ واقعي ۾ شهيد نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن مولانا مختيار امامي، سجاد محسني، سيد ظفر علي شاهه، صادق شاهه، قلب مھدي  ۽ ٻين جو چوڻ ه ته پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ وڏي عرصي کان شيعا ڪميونٽي خلاف قتل غارت جو سلسلو هلي رهيو آهي، ھنن چيو ته قتل ٿيل 11 ڄڻن  جو تعلق ھزار ڪميونٽي سان هو ، انهن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو جيڪا بلوچستان حڪومت  جي نااھلي آهي،   هنن حڪومت کي اپيل ڪئي  ته انهن  جي نوجوانن جي قاتلن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انهن جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.