ڪنري ۾ڳوٺاڻو مسافر ڪوچ جي ڇت تان ڪري فوت

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان پٽ جي شادي جا ڏينھن پڪا ڪري شھر ويندڙ ڳوٺاڻو مسافر ڪوچ جي ڇت تي پراسرار نموني فوت،  لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي، گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. تفصيل موجب ڪنري ڀرسان طاھر آباد جي ڳوٺ محمد ابراھيم آرائين جو رھواسي 32 ورھين جو ھيمراج ولد ڪارو ڀيل عمرڪوٽ لڳ مالھي جي تڙ مان پنھنجي پٽ جي شادي جا ڏينھن پڪا ڪري ڪنري واپسي اچي رھيو ھو ته رستي ۾ مسافر بس جي ڇت تي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، ڪنري بس اسٽاپ تي بس جي پھچڻ بعد مسافرن ۽ شھرين مئل حالت ۾ سندس لاش ڇت تي پيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن بعد پوليس پھچي لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي دل بيھڻ سبب فوت ٿيو آھي ھوڏانھن لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ شادي واري گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.