ڪراچي جي چئن ضلعن ۾سمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون

ڪراچي ( م ڊ )  ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافي کانپوءِ ڪراچي جي چئن ضلعن سينٽرل، اولهه، ڏکڻ ۽ ڪورنگي ۾ سمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چئن علائقن ۾ 11 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو پيو وڃي، ضلعي سينٽرل جي 26 پاڙن کي مائيڪرو لاڪ ڊائون تحٽ سيل ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب مائيڪرو لاڪ ڊائون جي وڪڙ ۾ آيل علائقن ۾ عزيز آباد، علي آباد، ڪريم آباد ۽ ياسين آباد، دستگير ڪالوني، ناظم آباد، اصغر شاهه اسٽيڊيم، شادمان ٽائون، نارٿ ڪراچي، مسلم ٽائون، فردوس ڪالوني ۾ به مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هوندو. ان کان علاوه سينٽرل ضلعي جي 26 بلاڪس ۾ مخصوص گهرن کي به سيل ڪيو ويندو، ڪرونا سٽيل علائقا 20 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين سيل رهندا. ضلعي اولهه ۾ به مائيڪرو سمارٽ جو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت گلشن معمار ۽ سرجاني ٽائون ۾ مائيڪرل سماٽ لاڪ ڊائون هوندو، گڏاپ ٽائون جا 2 علائقا به مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون ۾شامل آهن، لاڪ ڊائون 14 ڏينهن لاءِ هوندو. نوٽيفڪيشن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، رينجرز ۽ پوليس کي لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪورنگي ضلعي جي ٽن علائقن ڪورنگي، شاهه فيصل ۽ ماڊل ڪالوني ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون هوندو، جيڪو 21 نومبر کان 25 نومبر تائين لاڳو هوندو. ڏکڻ ضلعي جي سول لائنز جي چئن پاڙن ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪو به شخص علائقي ۾ داخل ٿئي يا ماسڪ پائي، ان کي ماسڪ لازمي هجي، گهران نڪرندڙ شخص پاڻ وٽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي رکي. هوڏانهن ڊي سي ڏکڻ ارشاد سوڍر ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪلفٽن جو ڊولمن مال سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ماسڪ نه پائڻ تي 15 ماڻهن تي 500 رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.