پبلڪ هيلٿ ايڪسئن جون پ پ اڳواڻن سان ملاقاتون

ڌاٻيجي (ن ع آ) پبلڪ هيلٿ ايڪسين ساجد ملاح پبلڪ هيلٿ انجينر نصير جوکيو جي پ پ يوسي  ڌاٻيجي جي اڳواڻن سان ملاقاتون علائقي واسين جي پاڻي جي کوٽ جي شڪايتن جو نوٽس گهوڙا ٻاري مان چونڊيل ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ورتو آھي جنهن کي جلد حل ڪيو ويندو انهي موقعي تي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته يوسي ڌاٻيجي ۽ يوسي ڀنڀور جي مين لائن کي بونڊري والن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 8ڪروڙ کان مٿي جو خرچ آھي جنهن لاءِ اسڪيم جمع ڪرائي وئي آھي جيڪي سنڌ حڪومت جي منظوري کانپوءِ ان لائن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. انهي موقعي تي پ پ يوسي ڌاٻيجي اڳوڻو چئيرمين فقير نبي بخش بلوچ پ پ يوسي ڌاٻيجي صدر سڪندر پنهور شاهد مري ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.