خيرپور ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو ڪارو قرار، قتل جي فتويٰ

خيرپور (ڊر) خيرپور ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙو جرڳي ذريعي ڪارو قرار، قتل جي فتويٰ جاري،  ناري تعلقي جي ڳوٺ اڍوبي لڳ  کنواڙي جي رهواسڻ مسمات فائزه هنگورو صحافين وٽ  پهچي دانهيندي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مان انور مهر سان پيار جو پسند جو پرڻو ڪيوآهي، جنهن کان پوءِ منهجي وارثن وڏيري امام بخش جي اوطاق تي فيصلو ڪيو، جنهن ۾ ٻن پاڙن جا وڏيرا  وڏيرو مبارڪ، خان محمد ۽ امام بخش گڏجي طور تي فتوا جاري ڪندي چيو ته ناري فائزه ۽ انور مهر کي قتل ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ منهنجا ڀائر سوٽ ۽ چاچا هٿيار کڻي اسان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ ڳولهيندا ٿا رهن مان ۽ منهنجو مڙس انور مهر دربدري واري زندگي ٿا گذاريون. هنن ايس ايس پي خيرپور کان پڻ تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.