جروار: شداڻي درٻار جي گاديسر گوبند رام جو 76 هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

جروار ۾ شداڻي درٻار جي گاديسر گوبند رام جو 76 هون جنم ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

جنم ڏهاڙي جي موقعي تي شداڻي درٻار ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ضلعي جي مختلف شهرن مان مردن توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي  ڀڳتين  ڀڳت ڳائي آيل عقيدتمندن کي جهومائي ڇڏيو

ان موقعي تي آيل عقيدتمندن ٻڌايو ته هنن کي اٺين سنت گوبند رام جو جنم ڏينهن ملهائي دلي سڪون ملندو آهي . تقريب ۾ ڀائي جئرام داس ۽ ٻين عقيدتمندن سائين گوبند رام جي سالگراهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو  ….

رپورٽ- فيض گبول

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.