ن ليگ جو آءِ جي سنڌ واقعي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي ن ليگ آءِ جي سنڌ واقعي جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اجلاس ۾ ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي موقف جي حمايت لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ پارٽي جي نائب صدر مريم نواز سان پيش ايندڙ واقعي جي مذمت به ڪئي وئي، حڪومت خلاف احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اهو مطالبو به ڪيو ويو ته آءِ جي سنڌ جي واقعي جي رپورٽ پبلڪ ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر پنهنجو ڪردار وزيراعظم کي سونپي ڇڏيو آهي، اسد قيصر، عمران خان سامهون سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ کي غير اثرائتو ڪيو ويو آهي، احتجاج طور مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي پروڊڪشن آرڊر جي درخواست نه ڏينداسين.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي تحريڪ ڪاميابي سان نااهل ۽ ناڪام ٽولي مان جان ڇڏائيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.