ٺٽو: سنڌ ملاح فورم جو سامونڊي پٽي تي وفاق جي قبضي ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽي ۾ سنڌ ملاح فورم پاران سنڌ جي سامونڊي پٽي تي وفاق جي قبضي ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، محمد ايوب ملاح، امام بخش ميراڻي، رمضان ملاح، منٺار ملاح، قاسم ڪھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، جنھن ڪري لکين ماھيگيرن دربدر ٿي ويندا، ساحلي پٽي جي قيمتي زمينن تي ٿيندڙ والار ختم ڪرائي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

هنن چيو ته ڄار لڳائي مڇي جي نسل ڪشي سميت سمنڊ اندر بااثر ڀتاخور مافيا ماھيگيرن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، ڪوھستاني زمينن جا کاتا ري رائٽ نہ ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسي کاتيدار آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن.

هنن چيو ته  فشريز کاتي سميت مختلف کاتن ۾ ڌاريا ڀرتي ڪري مقامي ماڻھن جي حق تلفي ڪئي پئي وڃي.

احتجاج ڪندڙن  گھر ڪئي ته سنڌ جي ٻيٽن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي سڙي ويل رڪارڊ بحال ڪري ڪوھستاني زمينون ري رائٽ ڪري ڍنڍن، ڍورن تي ٿيل قبضا خالي ڪرايا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.