ٻيٽ اسان جا هئا آهن ۽ رهندا،  حڪومت آرڊيننس واپس وٺي: ناصر حسين شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هو بوکلاهٽ جو شڪار آهي، هاڻ اسان وزير اعظم کي چئون ٿا ته ڊڄڻو ناهي، توهان کي وڃڻو آهي، گهٻرايو نه توهان هليا ويندا.

سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي هن حڪومت تي زور ڏنو ته توهان ملڪ ۽ ماڻهن کي مهانگائي ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو.

ناصر حسين شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي وفاقي وزير هجن يا صوبائي سمورا نسورو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.

هن وفاقي حڪومت جو الزام ورجايو ته ملڪ ۾ اٽي جي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ اٽو مهانگو ۽ ڪڻڪ ناياب هجي ته واقعي سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي پر جيڪڏهن سڄي ملڪ بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ اٽو مهانگو آهي ته ان ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڏوهه آهي.

هن چيو ته هاڻ وڃي هڪ وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جاري ڪري ڇڏي پر سندس عقل جي ارسطو کي ڇا چئون ته سنڌ حڪومت هر سال آڪٽوبر ۾ ئي ڪڻڪ جاري ڪندي آهي.

ناصر حسين چيو ته انهيءَ جي ڪري اسان جو بيلنس رهندو آهي، اسان وٽ پنهنجو ذخيرو موجود آهي.

صوبائيوزير ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو جنهن موجب ملڪ ۾ فصل جي گهٽتائي جي ڪري ڄاڻايل بحران پيدا ٿيو.

سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت فصل جي پيداوار تي غلط بياني سان ڪم وٺي رهي آهي، جيڪڏهن انگ اکر ڏٺا وڃن ته سمورا ڪوڙ بي نقاب ٿي ويند .

هن چيو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) احتجاج شروع ڪيو آهي.

ناصر حسين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته آءِ لينڊ سنڌ جا هئا، آهن ۽ رهندا ان ڪري حڪومت آءِ لينڊ کي پنهنجو حصو بڻائڻ لاءِ منظور ڪيل آرڊيننس فوري طور واپس وٺي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت جي نااهلي جي ڪري ڊالر جو اگهه ڪٿي پهچي ويو جڏهن ته اسان کي اين آر او نه گهرجي پر اسان ڏسون پيا ته توهان پنهنجي دوستن کي اين آر او ڏئي پرڏيهه ملڪ روانو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.