آبپاشي ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر  (نمائندا ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبپاشي  ملازمن پاران سن ڪوٽا بحال ڪرڻ صحت ڪارڊ ڏيڻ ۽ فوتي  ڪوٽا آسان ڪرڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاٰءِ لاڙڪاڻو، سکر رتو ديرو، ميروخاص، سجاول،ڀان سيد آباد،اڪري چودگي ۽ ٻين شهرن ۾ ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا،  اڳواڻن  چيو ته آبپاشي ملازمن سان مائٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رھيو آهي. وڏي عرصي کان سن ڪوٽا، اپ گريڊيشن، فوتي ڪوٽا ، صحت ڪارڊ سميت ٻيا مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن جنهن ڪري ملازم سخت پريشان آهن ھنن چتاءَ ڏنو ته جيسيتائين وزير اعليٰ سنڌ ۽ آبپاشي وارو وزير سھيل انور سيال اسان جا جائز مسئلا حل نه ڪندو پوري سنڌ  ۾ اسان جو ھي  احتجاج جاري رھندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.