مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن ۾ اوپي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ،ميهڙ ۾ صحت کاتي جي ملازمن پاران واجد علي پنهيار , مختيار کوسو ,اعظم پنهور ,زاهد مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي تعلقي اسپتال جي او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪيو ويو جڏھن ته ملازمن پاران تعلقي اسپتال ميهڙ جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ،سوڀوديرو ۾پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن ڪري اسپتال آيل مريض درپدر ٿي ويا، عملي سوڀوديرو جي صدر سھيل ميراڻي۔سيد صوبل شاھ۔ نديم شيخ۔ عامر شاھاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.ڪنڌ ڪوٽ ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاء اوپي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي مين گيٽ اڳيان بک ھڙتال ڪئي وئي ، ان موقعي تي علي حسن قمبراڻي ، گوردن داس  ۽ ينگ ڊاڪٽر ايسو سيئشن جي ضلعي صدر ڊاڪٽر توفيق کوسو جنرل سيڪريثري خليق انورباجڪاڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ميرو خان ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد اشرف ڪلهوڙو . رحمت الله بروهي . يوسف سنديلو . يامين ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڪورونا جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ هيلٿ ملازم تمام گهڻي رسڪ کڻي ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن . پر سنڌ حڪومت انهن جا جائز مطالبا به مڃڻ لاءِ تيار ناهي ، گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ به گرينڊ الائينس جي سڏ تي پيراميڊڪ عملي پاران ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن سبب سڄي ملڪ مان آيل مريض سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا،کوسڪي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران او پي ڊي بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، پيرا ميڊيڪل کوسڪي جي صدر مير محمد جت جو چوڻ هو ته جيستائين سنڌ سرڪار انهن جا جائز مطالبا تسليم نٿي ڪري تئستائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.