موري لڳ اسڪول تي حملو، استاد زخمي، احتجاج

مورو (ن ع آ) مورو ڀرسان ڳوٺ نيو لغاري بجراڻي پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر ۽ شاگردن تي بااثر ماڻھن جو حملو شاگرد ۽ استادن  کي مار ڪٽ ڪري اسڪول مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو زخمي استاد غلام اڪبر لغاري کي تعلقہ اسپتال مورو آندو ويو آھي جتي کيس طبي امداد ڏني وئي آھي، بااثرن جي اھڙي عمل ۽ حملي خلاف شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن جو احتجاجي مظاھرو جتي ھيڊ ماستر غلام اڪبر لغاري ۽ شاگردن ٻڌايو ت ڳوٺ جا بااثر ماڻھو خادم حسين لغاري، غلام رسول، ۽ حاجن لغاري جيڪي معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ تان استادن تي مڇرجي پيا آھن، ۽ استادن ۽ شاگردن کي اسڪول ۾ اچڻ نہ ٿا ڏين، ان موقعي تي ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ڪچي جي علائقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا معصوم ٻارڙا ھن پرائمري اسڪول مان تعليم وٺڻ اچن ٿا پر مذڪورھ بااثر ماڻھو ٻارڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ نہ ٿا ڏين ھو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تہ اسڪول بند ڪيو اسان اھڙيون شڪايتون ھتان جي چڱن مڙسن کي ڏنيون آھن پر ڪو بہ تدارڪ نہ ٿيو آھيو اڄ جيئن ئي اسان اسڪول ۾ ٻارڙن کي سبق ڏئي رھيا ھئاسين تہ مذڪورھ ماڻھن حملو ڪري مون کي زخمي ڪيو ۽ ٻارڙن کي اسڪول مان زبردستي ڪڍي ڇڏيو آھي، خوف سبب ڪجھ ٻارڙا گھرن ڏانھن واپس ھليا ويا آھن اھڙي اسڪول تي حملي جي اين سي گچيرو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي پر جوابدار گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.