ايڇ آر سي پي پاران پي ڊي ايم جلسي کي مانيٽر ڪرڻ جو اعلان

لاهور  ( م  ڊ) هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ رٿيل پي ڊي ايم جي جلسي کي مانيٽر ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي. لاهور مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته 16 آڪٽوبر جي جلسي کي مانيٽر ڪرڻ جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته رياست سمورن شهرين کي پر امن اجتماع جي آزادي جو حق جو احترام ۽ تحفظ ڪندي. ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته اهو به ضروري آهي ته ملڪ جي هر حصي ۾ شهري اجتماعي طور تي پنهنجي سياسي راءِ جو اظهار ڪن، اميد ته ريلي جي انتظاميه، شرڪت ڪندڙن ۽ ڪوريج ڪرڻ واري ميڊيا تي پابنديون نه لڳايو وينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.