برطانوي ايئر لائن کي لاهور لاءِ اڏامن جي اجازت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) برٽس ايئر ويز کي لاهور لاءِ اڏامن جي آپريشن جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سي اي اي موجب برٽس ايئر ويز لاهور لاءِ اڏامون شروع ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، جيڪا حڪومت منظور ڪري ورتي آهي.

برٽس ايئر ويز هيٿرو ايئرپورٽ کان لاهور لاءِ هفتي ۾ 4 اڏامون آپريٽ ڪندي.

سي اي اي اختيارين چيو آهي ته يورپي يونين کان اجازت ملڻ تي پي آءِ اي برطانيا ۾ پنهنجو فضائي آپريشن ٻيهر شروع ڪندي ۽ پي آءِ اي جو برطانيا آپريشن شروع ٿيڻ تي برٽس ايئر ويز جي شيڊيول تي نظرثاني ڪري سگهبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.