داخلا لاءِ سوشل ميڊيا جو به استعمال ڪيو وڃي: پروفيسر خليل ابوپوٽو

خيرپور( ڊ ر ) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي مختلف اجلاسن جي صدارت ڪئي. پهريون اجلاس داخلا ڪاميٽي 2021 جو منعقد ٿيو جنهن ۾ سڀني فيڪلٽين جي ڊينز، آءِ ٽي منيجر ۽ انچارج ڊائريڪٽر ايڊميشن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي داخلا ڪاميٽي جي ڪنوينر وائيس چانسلر کي ڄاڻ ڏني ته يونيوسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو داخلا جو آن لائن مرحلو شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 26 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي.وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو زور ڏنو ته داخلائن لاءِ وڏي پيماني تي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن اميدوارن جو وڏو انگ شريڪ ٿي. ان سلسلي لاءِ شهرن جي اهم جڳهن ۽ ڊگري ڪاليجن تي بينرز آويزان ڪيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا کي پڻ استعمال ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته  صحيح ماڻهون کي صحيح جڳھه تي مقرر ڪيو ويندو ته جيئن انتظامي امور بهتر ٿين. اجلاسن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز ۽ مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.