چمبڙ ويجهو ڪار ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جا عورت سميت 7 ڄڻا زخمي

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ لڳ درگاھ لعل پير وٽ رڪشا ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ رڪشي ۾ سوار چمبڙ شاھ لطيف ڪالوني واسي خاصخيلي برادري جي ھڪ ئي  ڪٽنب جا جاويد علي ولد محمد حسن، 14 ورھين جو جمشيدعلي ولد جاويد علي، 12 ورھين جو ھرمين ولد جاويدعلي 3 ورھين جي جويرا ڌي جاويدعلي، جنيد ولد جاويدعلي، فياض ولد الھڏنو ۽ نسيم مڙس جاويدعلي 7 ماڻھون سخت زخمي ٿي پيا . اطلاع تي چمبڙ پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد حادثي ۾ 7 زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ حادثي ۾ زخمي چمبڙ واسي جاويدعلي خاصخيلي ٻڌايو ته آئون پنھنجي گھرواري ۽ ٻارڙن کي ساڻ ڪري رڪشي ۾ سوار ٿي ٽنڊي غلام علي پنھنجي ڀائيٽئي جي سالگرھه جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ وڃي رھيا ھئا سون ته سامھون ايندڙ تيز رفتار ايڪس ايل آئي ڪار کڏو بچائيندي اسان جي رڪشي ٽڪرائجي پيو.

مدئجي ڀرسان موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

مدئجي ( ن ع آ ) مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد توربند بس اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار موٽر سائيڪل راهگير سان ٽڪرائجڻ  سبب موٽر سائيڪل سوار ڪري پيا جنهن دوران راهگير سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ڳوٺ فيضائي ڪلهوڙا واسي راهگير فقير غلام اڪبر ڪلهوڙو,مدئجي واسي علي گوهر ميراڻي,هڪ عورت ۽ معصوم ٻارڙو شامل آهن ،زخمين کي بروقت ڳوٺاڻن کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو,جتي کين علاج بعد فارغ ڪيو ويو….

تنگواڻي لڳ عورت ڪارنهن الزام ڏئي مارڻ جي ڪوشش

تنگواڻي( ن ع آ )  تنگواڻي نوجوان عورت رضيه چاچڙ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش پوليس پهچي زخمي حالت ۾ بچائي ورتو اسپتال منتقل،ڊي ايس پي  تنگواڻي بشيراحمد شر موقعي تي پهچي عورت کي بچائي ورتو،منهنجي نياڻي رضيہ خاتون کي مڙس لالو چاچڙ ۽ ڏير امير بخش چاچڙ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا : زخمي عورت جي ماءُ لعل خاتون جون دانهون ڪيون،ڊي ايس پي تنگواڻي بشير احمد شر موقعي تي پهچي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

نئون دمبالو ۾ چار مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان گهر پهتو

نئون دمبالو ( ن ع آ ) چار مهينا اڳ گم ٿيل نوجوان مختيار بوزدار گذريل رات جو ٻه بجي اوچتو گهر پهڇي ويو گهر جاوارثن خوشي ۾ لڙڪ لاڙي ويٺا جڏهن ته مختيار بوزدار  عوامي آواز کي ٻڌايو ته آئون گهر جي ڀاتين کي ٻڌائڻ بغير اوچتو ڪمائڻ لاء ڪراچي ويو هوس جتي مون فيڪٽري ۾ ٻه مهينا ڪم ڪيو جنهن بعد ٺيڪيدار پئساڏيڻ بغير ڀڄي ويو ۽ آئون پريشان ٿي ويس جنهن سبب آئون در بدر ٿيندو رهيس موبائل گم ٿي ويو گهر وارن سان رابطو نه ٿي سگهيو رات ڪجھ پئسا هٿ آيا آئون رات دير سان گهرپهچي ويس مون کي ڪنهن به اغواه يان کنڀيو نه هو هن وڌيڪ ٻڌايو ته آئون ٽي سال اڳ سڀني سياسي ۽ قوم پرست پارٽين کي ڇڏي چڪو هئس. ۽ هن سان ڪوبه تعلق نه هو ۽نه ئي هنئير آھي ڪنهن به سياسي ۽ قوم پرست پارٽي ۾ سرگرم نه هئس شهر ۾ اسپئير پارٽ جو دڪان هلائي رهيو هئس پر مالي حوالي سان پريشان هوس جنهن سبب پريشان ٿي ڪراچي ڪمائڻ ويو هوس

حليم عادل شيخ ۽ ٻيا پ پ ڪارڪن جي اغوا ڪيس مان بري

ڪنري (ن ع آ ) تقريبن ھڪ سال اڳ تيز گام ايڪسپريس ٽرين حادثي ۾ شهيد ٿي ويلن جي جنازي نماز لاءِ پي ٽي آئي ايم پي اي حليم عادل شيخ ڪنري پهتو هو، جنازي  نماز پڙهي واپس وڃي رهيو هو ته ڪنري شهر ۾ حليم عادل شيخ جي قافلي تي حملو ٿيو هو، حليم عادل شيخ جي گاڏي جا شيشا ٽٽا هئا، جنهن بعد حليم عادل شيخ جي گارڊن پاران حملو ڪندڙ هڪ ڄڻي پ پ ڪارڪن رضوان جٽ کي پڪڙي ورتو هو، رضوان جٽ جي اغوا جو ڪيس حليم عادل شيخ ۽ سندس ساٿين تي ڪنري ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل هو،جيڪو ڪيس سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جو عدالت ۾ هلندڙ هو جنهن جو اج عدالت سڳوري فيصلو ٻڌائيندي حليم عادل شيخ سميت اڳواڻن حاجي نثار آرائين، جانشير جوڻيجو، اويس احمد ظاھر، محمد عمر آرائين، غلام مرتضيٰ شاھ کي عدالت ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.