سکر بيراج کي بچايو

اظهر علي دايو

سکر بيراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان نڪرندڙ ڪينالن جي اپ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان گيٽن آڏو سلٽ جي صفائي نه ڪرائڻ سبب ڪيترائي فٽ سلٽ جمع ٿي وڃڻ ڪري پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران بيٺل آهي. بيراج مان نڪرندڙ ڪينالن دادو ڪينال، کير ٿر ڪينال، رائيس ڪينال، خيرپور ايسٽ ڪينال، خيرپور ويسٽ ڪينال، نارا ڪينال ۽ روهڙي ڪينالن جي گيٽن آڏو ڊائون  ۽ اسٽريم ۾ گيٽن آڏو ڪيترائي فٽ واري جمع ٿي وئي آهي. سکر بيراج جي دروازن آڏو ڪيترائي فٽ واري جمع ٿي وڃڻ ڪري صفائي نه ڪرائڻ تي ڪجهه سال اڳ بيراج جي دروازي ۾ وڏو کڏو پئجي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن انتظاميا سکر بيراج جي گيٽن آڏو ڪيترائي فٽ جمع ٿيل واريءَ کي ڪڍي ۽ گيٽن جي صفائي نه ڪئي وئي ته ماهرين جو چوڻ آهي ته سکر بيراج جي اسٽريڪچر کي خطرو آهي  ۽ 6 کان 7 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ دوران سکر خطرو پهچي سگهي ٿو. جڏهن ته بيراج جي فزيبلٽي رپورٽ تي به لکين روپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر بيراج جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي ٽنهي بيراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج جي ڊريجر نه هجڻ ڪري گيٽن آڏو سلٽ جمع ٿئي پئي. سکر بيراج جي گيٽن آڏو جمع ٿيل سلٽ کي ايڪسيويٽر جي ذريعي به واريءَ کي ڪڍي سگهجي ٿو پر انتظاميا سکر بيراج آڏو خراب بيٺل ايڪسيويٽر تي روزانو سوين ليٽر ڊيزل جو خرچ ڏيکاريو پيو وڃي. سکر بيراج جا ڪيترائي گيٽ زنگجي ويا آهن، گيٽن جي گرائينڊر ڪري انهن کي رنگ ڪرڻ، گيٽن کي گريس، آئيل ڏيڻ بدران انتظاميا ائين گيٽ بند ڪري ڇڏيندا آهن. جنهن ڪري گيٽ ڪمزور ٿي ويندا آهن. ساڳئي صورتحال سکر بيراج جو ساڄي پاسي کان نڪرندڙ دادو ڪينال، کيرٿر ڪينال، رائيس ڪينال، ساڄي پاسي کان نڪرندڙ خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ، نارا ڪينال ۽ روهڙي ڪينال جي گيٽن جي ڪجهه ڏينهن گذرڻ جي باوجود اڃان ائين انهن جي مرمت، گريس ۽ آئيلنگ نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪينالن جي گيٽن آڏو ڪيترائي فٽ واريءَ جا ڍير پيل آهن. گيٽن آڏو پيل واريءَ جي ڍيرن کي نه هٽايو ويو آهي جنهن ڪري بيراج سميت ڪينالن مان پاڻي اڳتي وڌڻ بدران پوئتي بيٺل آهي.

انتهائي ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سکر بيراج جي رائيٽ پاڪيٽ آڏو جمڙائو ڪينال جو ڊريجر بيهاريو ويو آهي. جنهن تي روزانو ٻه سئو ليٽر ڊيزل ۽ ڏهه گيلن موبل جا خرچ ڪاغذن ڏيکاريا پيا وڃن. اهڙو عمل گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي. اهڙيءَ طرح ڪروڙين روپيا ڊريجر جي مد ۾ آبپاشي کاتي جا ڪامورا ڏيکاري رهيا آهن. سکر بيراج جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 2018 ۾ ورلڊ بينڪ جو وفد مسٽ ٽوري ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر شفقت وڌيو جي اڳواڻي ۾ سکر پهتو هو  جتي سکر جي آبپاشي عملدارن ورلڊ بينڪ جي وفد کي سکر بيراج جو دورو ڪرايو ويو هو ۽ بيراج بابت ڄاڻ فراهم ڪئي هئي. ان وقت جي آبپاشي آفيسرن پاران ورلڊ بينڪ جي وفد کي سکر بيراج ۽ ان مان نڪرندڙ واهن بابت ڄاڻ ڏني ۽ بيراج بابت رپورٽ مڪمل ڪرڻ بعد بيراج جي مرمت توڙي بحالي لاءِ پراجيڪٽ منظور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ته سکر بيراج جو ڪم شروع ڪيو ويندو پر ڏيڍ سال کان مٿي جو عرصو گذري وڃڻ جي باوجود سکر بئراج جو مرمتي ترقياتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.

سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي وافر مقدار ۾ فراهمي باوجود آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب ٽنهي بئراجن جي پڇڙي جا هزارين آبادگار سراپا احتجاج بڻيل هوندا آهن،  سکر بئراج ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنال، واهه بظاهر فل نظر اچن ٿا، کاٽي نه هئڻ سبب سکر بئراج جي ڪئنالن ۾ پاڻي کڻت جي گنجائش گهٽجي وئي، سکر بئراج تي پاڻي جي وافر مقدار ۾ فراهمي باوجود سکر بئراج جو ساڄو پاسو جيڪو رائس بيلٽ طور سڃاتو ويندو آهي  جتي پچڙي جا سوين آبادگار 2010  کان پاڻي لاءِ پريشان، جنهن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته آبپاشي ماهرن موجب سکر بئراج جي گيٽن تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڌايو ته وڏي ۾ وڏو نقصان سکر بئراج کي آهي، سکر بئراج جي رائيٽ ۽ ليفٽ پاڪيٽ مان سلٽ نه ڪڍڻ سبب پاڻي جي پانڊ ليول جي سطح هٿرادو وڌائڻ لاءِ بئراج جي گيٽن تي ٻن ٻن فٽن جا ڦٽا هڻڻ باوجود پاڻي اوور ٽاپ ٿي رهيو آهي، جنهن سان بئراج جي گيٽن ۽ اسٽرڪچر کي شديد خطرو لاحق آهي، آبپاشي ماهر وڌيڪ ٻڌايو ته واهن جي کاٽي لوڪل فنڊن ذريعي سالانا بندي ۾ به کاٽي ڪونه ٿي ٿئي، جڏهن ته سال ۾ 6 جنوري کان 20 جنوري تائين 20 ڏينهن جي لاءِ ۽ پهرين اپريل کان 31 اپريل تائين ساڄي پاسي ڏانهن ٽئي ڪئنال بند هوندا آهن ان ۾ ڪم ڪرائي سگهجي ٿو جيڪو نٿو ٿئي سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ کيرٿر، رائيس، دادو ڪئنال، روهڙي، خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ، نارا ڪئنال سميت ستن ئي ڪئنالن جي سالياني صفائي ۽ مرمتي ڪم مڪمل نه ڪرڻ ۽ ڪئنالن ۾ جمع ٿيل سلٽ نه ڪڍڻ باوجود پاڻي ڇڏڻ واري خبر ميڊيا ۾ شايع ٿيڻ بعد وڏي وزير جي خصوصي ٽيم سکر بئراج جي بندي وارن ڏينهن ۾ خرچ ٿيل رقم ۽ ڪيل ڪمن بابت انڪوائري شروع ڪري ڏني هئي.

ياد رهي ته گذريل سال سکر بئراج جي سالياني بندي دوران بئراج ۽ ڪئنالن ۾ جمع ٿيل سلٽ ڪڍي فرش جي مرمت ڪرڻ گيٽن جي صفائي ڪري رنگ ڪرڻ وارو ڪم نه ڪرڻ باوجود ڪئنالن ۽ بئراج ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڇڏيو ويو هو. 10 ڏينهن جي بندي باوجود 13 ڏينهن تائين جاري رکندي رڳو بئراج ۽ ڪئنالن ۾ جمع ٿيل پاڻي ڪڍي مرمتي ۽ صفائي وارو ڪم مڪمل ڄاڻائي ٻيهر پاڻي جو ڇوڙ شروع ڪيو ويو هو، ايڪسيئين پاران 80 سيڪڙو بئراج ۽ ڪئنالن جي صفائي ۽ مرمت وارو ڪم مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ايريگيشن عملي چوري لڪائڻ لاءِ رائيس ڪئنال ۾ به پاڻي ڇڏي ڏنو هو. سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ روهڙي، دادو، رائيس، خيرپور ايسٽ، خيرپور ويسٽ، نارا ڪئنال سميت ستن ئي ڪئنالن جي سالياني صفائي ۽ مرمت ڪرڻ کان بغير ئي بئراج ۾ انڊينٽ موجب پاڻي اسٽور ڪري ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ شروع ڪيو ويو هو. جڏهن ته ربيع جي مند ۾ بند ٿيندڙ ۽ خريف جي مند ۾ کلندڙ رائيس ڪئنال جي هيٺاهين وهڪرن ۾ جمع ٿيل واري جا دڪا توڙي مٽي کي لوڙهڻ لاءِ پڻ پاڻي ڇڏيو ويو هو. سکر بئراج جي سالياني صفائي جي شيڊول جاري ٿيڻ باوجود بئراج جي 66 دروازن مان ڪنهن به هڪ دروازي جي به صفائي ۽ مرمتي ڪم نه ڪيو ويو،

ٻي طرف ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر بيراج آفتاب احمد کوسو دعويٰ ڪئي هئي ته سکر بيراج جي دروازن ۽ ڪئنال هيڊ ريگيوليٽرز جي صفائي سٿرائي جو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دروازن کي تيل ۽ گريس هڻڻ جو ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اين ڊبليو، رائيس، نارا ۽ روهڙي ڪئنالن جي اپ اسٽريم ۽ ڊائون اسٽريم سان گڏ بند جي تعمير لاءِ مٽي جا ڪٽا ۽ ٻوريون فراهم ٿيڻ شروع ڪيو ويون آهن ۽ ڪم تيزيءَ سان هلندڙ آهي. اهڙي ريت دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ۽ ويسٽ ڪئنالن جي فلٽر بلاڪس جي صفائي جو ڪم گهڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته رائيٽ بينڪ ڪينال هيڊ ريگيوليٽر گيٽس جي هوائسٽنگ اڪيوپمينٽ ۽ فوٽ پاٿ ڪربس جي رنگ روغن جو ڪم اڳڀرائي طرف آهي.سکر بيراج جي  ٻنھي پاڪيٽن مان ست ڪينال نڪرن ٿا ۽ ٻنھي پاڪيٽن ۾ سلٽ جو مقدار وڌي وڃڻ سبب ڪينالن ۾ ڊزاين مطابق پاڻي کڻڻ جي گنجايش گھٽجي پئي وڃي سکر بيراج تي ھڪ لک ڪيوسڪ پاڻي جي موجودگي باوجود پڇڙي جي آبادگارن لاءِ پاڻي جي فراھمي ممڪن ناھي رھي.

ٻئي طرف پاڪستان ٺھڻ کان بعد سکر سنڌوندي تي تونسابيراج، گڊو بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج تعمير ڪيا ويا جن مان صرف تونسابيراج تي پنجاب حڪومت مستقل بنيادن تي ڊريجر جي استعمال ڪرڻ سبب تونسابيراج تي سلٽ جمع ڪونه ٿي ٿئي ان ڪري تونسا بيراج مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ ڊزاين مطابق پاڻي جي فراھمي ڪري پڇڙي تائين پاڻي جي فراھمي يقيني بڻيل آ هي سکر بيراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي پاڪيٽن ۾ سلٽ جي مقدار وڌي وڃڻ ڪري پانڊ ليول پوري نـ ٿيڻ ڪري درياھ جي سمورن گيٽن جي مٿان ٻن ٻن فوٽن جا  ھٿرادو ڪاٺ جا تختا لڳايا ويا آھن ھوڏانھن کيرٿر، رائيس ۽ دادو ڪينالـن جي آرڊي زيرو کان آخري آرڊي تائين ڊي سلٽنگ ڪراڻ لاءِ آبپاشي کاتي سکر جي عدم دلچسپي جي ڪري گذريل 6 سالن کان اڃان تاين ڪينالن جي سلٽ جي مقدار جاچڻ لاءِ سروي جو ڪم بـ رولڙي جو شڪار بڻيل آھي سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي صورتحال ۾ بهتري باوجود پڇڙي جا آبادگار زرعي پاڻي کان محروم آهن، ان ڏس ۾ ريٽائرڊ چيف انجنيئر نورمحمد بلوچ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي ساڄي پاسي ۾ سارين جو بمپر ڪراپ ٿيندو آهي ۽ پاڻي جي ورڇ کي پڇڙي تائين پهچائڻ جي ذميواري انجنيئرن جي آهي، جيڪي سياسي مداخلت ڪري پاڻي چوري کي روڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، اڪثر ڪري داروغن ذريعي ڪئنالن ۾ هٿرادو گهارا هڻائڻ جو ڪاروبار هلندڙ آهي، جنهن کان هزارن جي تعداد ۾ فش فارم گهاري جي پاڻي سان ڀرايا وڃن ٿا،  سکر بئراج جي پانڊ ليول پوري نه ٿيڻ جو اپ اسٽريم ۾ واري جو گهڻو جمع ٿي وڃڻ آهي، جنهن ڪري گيٽن جي اوچائي 21 فوٽ آهي، جن جي اوچائي وڌائي 23 فوٽ ڪئي ويندي، جنهن بعد پانڊ ليول پوري ٿي ويندي ۽ ساجي پاسي جي ڪئنالن ۾ گهربل مقدار ۾ پاڻي مهيا ٿي سگهندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.